
ڀاڳناڻي واشو
ڀاڳناڻي، واشو: بالي ووڊ جي هن نمايان پروڊيوسر جو تعلق هندستان جي سنڌي گهراڻي سان آهي. هن پنھنجي فلمي ڪيريئر جو آغاز 1995ع ۾ بحيثيت پروڊيوسر ۽ ’پوجا انٽرٽينمينٽ انڊيا لميٽڊ‘ جي بنياد وجهڻ سان ڪيو. سندس مقبوليت ماڻيندڙ فلمن ۾’ڪولي نمبر ون‘ (1955ع)، ’هيرو نمبر ون‘ (1997ع)، بڙي ميان، ڇوٽي ميان (1998ع)، ’بيوي نمبر ون‘ (1999ع)، ’تيرا جادو چل گيا‘ (2000ع)، ’مجهي ڪچھہ ڪهنا هي‘ (2001ع)، ’ديوانه پن‘ (2001ع)، ’اوم، جئي جڳديش‘ (2002ع)، ’جينا صرف ميري ليئي‘ (2002ع)، ’آئوٽ آف ڪنٽرول‘ (2003ع)، ’سلسلي‘ (2005ع، ’انتر مهال‘ (2005ع)، ’ڪل ڪس ني ديکها‘ (2009ع)، ’Do Not Disturb‘ (2009ع)، ’فالتو‘ (2011ع) ۽’عجب غذب لوَ‘ (2012ع) شامل آهن. فلم ’ڪل ڪس ني ديکها‘ ۽ ’فالتو‘ ۾ هن پنھنجي پٽ جئڪي ڀاڳناڻي کي اداڪار طورپڻ متعارف ڪرايو.