ڀاڳو ڀانُ: سنگيت ۽ راڄنيتيءَ جو وڏو ڄاڻو، ڀاڳو ڀان سومرن جي دور ۾ اٽڪل 13 صديءَ جي آخر ڌاري ڄائو. سندس وڏا، ابتدا کان ئي سنڌ جي راجائي درٻارن سان لاڳاپيل رهيا ۽ وفادار ۽ بااعتماد هئڻ ڪري سفارت، سڱابنديءَ ۽ سياسي مامرن لاءِ مشهور هوندا ھئا. ڀاڳو ڀان، سومرن حاڪمن جو ست پيڙھيو گھر ڄائو ڀان ھو. 14 صدي عيسويءَ ۾ علاؤالدين خلجيءَ جڏھن گجرات کان اچي سومرن جي مرڪز وڳهه ڪوٽ تي وار ڪيو ته تمام گھڻي رتوڇاڻ ٿي. ڀاڳو ڀان انھيءَ سانحي تي، دودل وير (دودي بهادر) جي شان ۾ ”پرٿوي راج راسا“ جي نموني تي ”دودل راسو“ ڳايو، جيڪو ھڪ وڏو جنگي داستان آھي. سندس اهو ”راسو“ (جنگنامو) سنڌيءَ ۾ لوڪ ورثي اسلام آباد ”دودي چنيسر جو داستان“ جي نالي سان ڇپايو آهي. ڪن محققن جو گمان آهي ته ڀاڳو ڀان انھيءَ داستان کي اڌورو ڇڏيو هو ۽ بعد ۾ سندس پٽن، ان داستان کي پورو ڪيو هو، سندس ڳاھن ۽ سندس پٽن جي ڳاھن ۾ سنڌو ڪڍڻ ڏکيو آھي. اھو ڪيڏارو چوڏھين ۽ پندرھين صديءَ تائين سنڌ جا ڀَٽ عام ڳائيندا رھيا، پوءِ سورھين صديءَ کان ڳائجڻ گهٽجي ويو.
چيو وڃي ٿو ته ڀاڳو ڀان جي پيڙھيءَ مان ڪي ڀان اڃا تائين موجود آھن، جن وٽ سمن ۽ سومرن جون پيڙھيون لکيل آھن. ڀاڳو ڀان جون جوڙيل ”ڳاھون“ سومرا دور جي سنڌي ادب جو وڏو سرمايو آھن. ڀاڳو ڀان جي ڳايل ڳاهن (دودي جي داستان) کي ويهين صديءَ جي آخر تائين کٽياڻن ۽ نوان جتوئيءَ طرف جا ڪي ڀٽ/مڱڻهار ڳائيندا رهيا آهن.