ڀاڳَ: ھڪ ذات جو نالو، جيڪي’سومرن‘ حاڪمن جا فقير رھيا آھن. سومرن جا ’ڀاڳ‘ ۽ سمن جا ’ڀان‘ فقير مشهور ھئا. ڀاڳ فقيرن جو ڪم ”سومرن“ جون
پيڙھيون ۽ پاڙا ياد رکڻ هوندو هو. ھي گھڻو ڪري شجرا پاڻ وٽ لکي ڇڏيندا هئا. مثال طور: ڪنهن ’سومري‘ کي معلومات وٺڻي ھوندي ته ھو سومرن جي ڪھڙي نک ۽ ڪھڙي پاڙي مان آھي ۽ سندس پيڙھيءَ جو سلسلو ڪيئن آھي؟ ته ان لاءِ انھيءَ پاڙي جي باري ۾ ”ڀاڳ“ فقير کان پڇبو هو، جيڪو کين ابي ڏاڏي کان وٺي سڄي پيڙھيءَ جو سلسلو ٻڌائيندو هو. مقرر ٿيل ڀاڳ فقير، شادي مراديءَ ۾ يا سال ۾ ھڪ ڀيرو ”موکا“ وٺندا هئا.
سنڌيءَ ۾ قسمت کي به ڀاڳ چيو ويندو آهي. هي سنسڪرت جي لفظ ’ڀاڳيه‘ مان نڪتل آهي، جنهن جي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، لغت ۾ معنيٰ بخت، نصيب، قسمت، طالع ۽ تقدير ڏني آهي.