
ڀاڳچند پنجابي
ڀاڳچند پنجابي ( گائڪ ):ڳڙهي ياسين ضلعي شڪار پور جي مشھور صوفي گائڪ شري جادو داس جي گهر ۾ 5 مئي 1937ع تي ڄائو . هو ڏهن سالن جو اسڪولي شاگرد هو تہ وطن جي ورهاڱي سبب سنڌ جا وڻ ڇڏي هند ۾ وڃي آباد ٿيو . بي . اي ۽ بي . ايڊ پاس ڪرڻ بعد سنڌو ايجوڪيشن سوسائٽيءَ جي هاءِ اسڪول ۾ مقبول عام استاد ٿي رهيو ۽ 33 سالن جي تعليـمي خدمتن بعد رٽائر ڪيائين . ڀاڳچند جي گلي ۾ ميٺاڄ هو ۽ سريلو گائڪ هو . پنھنجي گائڪـيءَ ۽ ترنـم سان سنڌي عوام کي جهومائيـندو رهيو آهي . سنڌي فنڪارن ۾ کيس اها اهميت حاصل رهي تہ هن گنڌروَ مھا ودياليه مان ” سنگيت وشاد “ جي سند حاصل ڪري ، ڪلاسيڪل ڄاڻ حاصل ڪئي ۽ رم جهم ميوزيڪل پارٽيءَ جي نالي هيٺ ڀارت جا ڪيترا سنڌي نگر ۽ بستيون گهميو . رم جهم پارٽيءَ جي مکيہ ڪلاڪار مهاراشٽرين هيم لتا کي هن ئي سنڌي گائڪا بڻائي ڇڏيو ، جنهن جي قدردانن ۾ سائين جيوڻ گهوٽ ۽ نالي وارو شاعر ارجن سڪايل بہ اچي وڃن ٿا ، هن جوڙيءَ خوب محفلون مچايون . ڀاڳچند کي قدردانيءَ طور گولڊ ميڊل بہ مليل آهي .