ڀاڻوٺ: مٽياري ضلعي جي ھڪ ديھه جيڪا تعلقي هالا ۾ آهي. هن ديھہ ۾ ھيٺيان ڳوٺ شامل آھن: ’جمال شاھه‘، ’ڳوٺ ماڇي‘، ’سعيد خان لغاري‘، ’ڳوٺ ميربحر‘، ’گھرام کوسو‘.
ڀاڻوٺ ڳوٺ ھالا کان 12 ڪلوميٽر پري، سنڌو نديءَ جي کاٻي ڪپ تي آباد آھي. ھن ڳوٺ جي آبادي 20000کان وڌيڪ آھي. ھن ڳوٺ جي ٽن طرفن کان سرسبز ٻنيون ۽ اولھہ طرف سنڌوءَ جو ڪنارو آھي. ھتي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ الڳ الڳ ھاءِ اسڪول ۽ سرڪاري اسپتال جون سهولتون آھن. ھن ڳوٺ ۾ رھندڙ ذاتين ۾ سيد، خاصخيلي، شيخ، ملاح، ٻجورا، ڪرڙ، سومرا، سيال، ماڇي ۽ ٻيا شامل آھن. سياست ۽ علم ادب جي ميدان ۾ ھن ڳوٺ قابل ذڪر شخصيتون پيدا ڪيون آھن. سيد محمد شاھه، سيد پناھہ علي شاھہ ۽ شاھہ محمد شاھہ'>سيد شاھہ محمد شاھہ، سيد زمان شاھہ سياسي دنيا جا اھم نالا آھن. سنڌ جي بزرگ سياستدان سائين جي. ايم. سيد ھتان جي هڪ بزرگ ڌڻي بخش شاھہ ڀاڻوٺيءَ جي نياڻيءَ سان 1908ع ۾ لائون لڌيون ھيون. ھن ڳوٺ جي ڀرسان سنڌوءَ جي ڪناري تي وڏو گهاٽو ٻيلو آھي. آڳاٽي وقت ۾ ھيءُ ڳوٺ ھالا ڪنڊي پرڳڻي ۾ شامل ھو. اٽڪل 4 صديون پراڻو ڳوٺ آھي ۽ درويشن جي آماجگاھہ رھيو آھي، هتان جو بزرگ مخدوم حسن بلاولي مشھور آهي، جيڪو مخدوم بلاول جو خليفو ۽ وڏو انقلابي شخص ٿي گذريو آهي. واڍڪو ڪم ڪندو هو. ھن درويش جو ذڪر ”تحفة الڪرام“، ”حديقة الاولياءَ“، شھيد ’مخدوم بلاول‘ (آزاد قاضي) ۽ ’سچ وڏو ڏوهاري آهي‘ (آريسر) ڪتابن ۾ تفصيل سان موجود آهي.