ڀاڻوڪي

ڀاڻوڪي: هن نالي سان جدا جدا ٻہ ديهون موجود آهن. هڪڙي ديھہ تعلقي ٽنڊي الهيار ۾ آهي، جنهن ۾ هيٺيان ڳوٺ آهن:
ميوو لاشاري، حاجي محمد ڪيريو، عبدالرئوف ڪاڪيپوٽو، امين محمد ڪاڪيپوٽو، محب ڪاڪيپوٽو، قاضي گل محمد، ولي محمد ٻٻر، حاجي جهنڊو لغاري، سيد امداد علي شاھہ، سانوڻ مهيسر ۽ بخشو خان خاصخيلي.
ٻي ديھہ تعلقي مٽياريءَ ۾ آهي، جنهن ۾ مينهون ماڇي، حاجي پرچو جهيجو ۽ اسماعيل خواجو ڳوٺ شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو