ڀاڻ3

ڀاڻ3: ڪچي/ درياهي علائقي ۾ مالوند ماڻهن جا ”ڀاڻ“ ٿين ٿا. اصل ۾ جڏهن ٻيلن ۾ گاھہ عام جام هوندو هو ۽ درياھہ کي بہ اوج هوندو هو، تہ مالدار ماڻهو پنهنجون مينهون، ڍڳيون ۽ ٻيو مال، ٻيلن ۾ واڙا ٺاهي اچي رهائيندا هئا. ڏينهن جو ٻيلي ۾ مال چاربو هو ۽ شام جو وٿاڻ/ڀاڻ تي اچي ٻڌبو هو. مال جو ڇيڻو ڍڳ ٿي ويندو هو، جيڪو ”ڀاڻ“ جي صورت ۾ ٻنين ۾ ڪم ايندو هو. ”ڀاڻ“ جي نسبت سان اهي ”مال جا واڙا“ اڳتي هلي مختلف ماڻهن جي نالن سان مشھور ٿي ويندا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڳوٺن جي صورت اختيار ڪري ويندا هئا. جھڙوڪ: ڪوڙي جا ڀاڻ، هاشم جا ڀاڻ، ڀاڻوٺ وغيرہ. سنڌيءَ ۾ هڪ چوڻي: ”ڀُلي ڀلي ڀاڻ آئي“ بہ اصل ۾ ”ڀاڻ“ (جاءِ) سان واسطو رکي ٿو. ڪا مينهن يا ڍڳي وڳ کان وڇڙي/ ڀلجي ويندي آهي ۽ اوير سوير ڀاڻ تي اچي نڪرندي آهي تہ مالوند مٿين چوڻي دهرائيندا آهن، هونئن اها چوڻي سماجي زندگيءَ ۾ بہ عام طور ڪم آڻبي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو