ڀرتري هري

ڀرتري هري: هندستان ۾ جتي آڳاٽن شاعرن توڙي راجائن جي تاريخي حقيقت ڀروسي جوڳي ناهي، اُتي اُن وقت جي ڪلاسيڪي شاعري گهڻو ڪري محفوظ آهي. انهيءَ جي باوجود، ننڍن نظمن جا ڪافي مجموعا ڄاتل سڃاتل شاعرن ڏانهن منسوب ڪيل آهن، جن جي نالن جي چوڌاري وڏيون افسانوي روايتون قائم آهن. هندستاني ادب ۾ ڀرتري هريءَ جي سنسڪرت زبان ۾ ڪيل شاعري معيار ۽ خيال جي لحاظ کان اهم آهي.
ڀرتري هري پنجين صديءَ جو فيلسوف هئڻ سان گڏ هڪ مڃيل شاعر ۽ گرامر جو ماهر هو، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هُو راجا وڪرماجيت جو ڀاءُ هو، جنهن جي نالي سان وڪرمي سنبت سال منسوب آهي. ڀرتري هري سياسي ڏاهپ، محبت جي جوش ۽ تياڳ سان لاڳاپيل سنسڪرت جي نظمن جي ٽن حسين حصن جي مجموعي ’ستڪ تَرَيهَ‘ جو اهم شاعر آهي، جنهن جو هر حصو شاعر جي زندگيءَ جي مختلف رخن تي روشني وجهي ٿو: (1) نيتي ستَڪ، (جنهن ۾ راجائن وچ ۾ سندن دنياوي معاملن ۽ آدرشن جو ذڪر آهي)، (2) سرنگار ستڪ (جنسي ميلاپ بابت شاعري) جيڪو سندس جسماني ڪيفيت ٻڌائي ٿو ۽ جوش ڀرئي پريم جي سڀاءُ جو تجزيو ڪري ٿو ۽ (3) ’وئراگيه ستڪ‘ (جهنگل جي اوٽ ۾) جنهن ۾ سندس دنيا کان منهن موڙ، تياڳ ۽ ترڪ بابت خيال پيش ڪيل آهن.
ڀرتري هريءَ لاءِ مشهور آهي ته هُو هڪ سنساري راجا هو، جنهن پنهنجي پريمَڪائن جي بي وفائيءَ جي تلخ ردِ عمل ۾ سماج کي رد ڪري ڇڏيو. ڪِن جو چوڻ آهي ته تپسوي برهمڻ عبادت گذار هو، جنهن پنهنجي عبادت جي صلي ۾ ’امر ڦل‘ پاتو هو، جيڪو هن راجا ڀرترهريءَ کي آڻي ڏنو هو ته ڀلي اُهو ڦل راجا کائي ۽ امر ٿي وڃي. پر راجا اُهو پنهنجي راڻي پنگلا کي ڏنو ته ڀلي اُها کائي ۽ امر رهي ته جيئن هو سندس زندگيءَ ۾ ئي هن دنيا مان ڪوچ ڪري. راڻيءَ اُهو ڦل وري پنهنجو پريميءَ کي ڏنو. پر هُن اُهو پاڻ کائڻ بدران اُن وئشيا کي ڏنو، جنهن سان سندس محبت هئي، وئشيا وري پاڻ کائڻ بدران اهو ڦَل راجا کي کارائڻ مناسب سمجهيو، تنهنڪري هُن جڏهن اُهو ڦل کڻي راڄ درٻار ۾ راجا کي آڇيو ته سندس ذهن مان ٺڪاءَ نِڪري ويا. واقعن جي انهيءَ سلسلي تي ردِ عمل طور، راجا عورت ۽ سندس محبت کي پِٽون ۽ پاراتا ڏيندي، راجائي ٺاٺ باٺ ترڪ ڪري، جهنگ مُنهن ڪري هليو ويو. اُردوءَ جي شاعر علامه اقبال، انهيءَ واقعي کان متاثر ٿي ’بانگِ درا‘ ۾ لکيو:
”ڦول ڪي پتي سي ڪٽ سڪتا هئه هيري ڪا جگر“
ڀرتري هريءَ جي باري ۾ پهرين تحرير چيني سياح ’هوچنگ‘ جي ملي آهي، جيڪو ستين عيسويءَ ۾ هندستان آيو هو. ڀرتريءَ هري، ٻوڌي گرامر جو ماهر، ڀڪشوئن جي الڳ ٿلڳ زندگي گذارڻ سبب مشهور هو.
ڀرتري هريءَ پنهنجي دُک ڀريل نظمن ۾ پنهنجي ناڪامين، مقدر ۽ درٻارين جي لالچ جي باري ۾ فيصله ڪُن انداز ۾ لکيو آهي. هُو عبادت ۽ دنيوي زندگيءَ جي وچ ۾ چونڊ نٿو ڪري سگهي. ڇاڪاڻ ته هُو ٻنهيءَ کي هڪجيترو دلڪش ۽ اڻپورو سمجهي ٿو. هُو هڪ سنياسيءَ جي حيثيت سان نرواڻ پائڻ جو سپنو ڏسي ٿو، جيڪو جبل جي غُفا ۾ شِو جو ڌيان ڪري ٿو، جنهن کي مقدس گنگا پنهنجي ڦوهار سان ڌوئي ٿي، يا جنهن کي ڪائنات ليٽيل صورت ۾ ڀاڪر پائي ٿي.
ڀرتري هريءَ جي نظمن مان پتو پوي ٿو ته هُو راجا نه هو، پر ڪنهن راجا جي درٻار جو درٻاري هو. هُو درٻاري زندگيءَ جي ذلت ۽ راجا ۽ وزير جي وچ جي ڇڪيل لاڳاپن جا مڪمل حوالا ڏئي ٿو.
ڀرتري هري اعليٰ پايي جو گرامر جو ماهر به هو، جنهن ’واڪيه پدِيَه‘ نالي ڪتاب ۽ ’ڀٽي-ڪاويه‘ جي عنوان سان نظم لکيا. 1670ع ۾ سندس اخلاقياتي نظم فرينچ زبان ۾ ترجمو ٿيا. پوءِ اصل متن جو لاطيني ترجمو شيفنر ۽ ويبر ڇپايو. Indian Antiquary ۾ جرمن زبان ۾ ترجمو بوهلين (Bohlen)، فرينچ زبان ۾ شُوٽز (Schutz) ۽ فاشي (Fauche)، جنس سان متعلق شاعري ريگناڊ (Regnaud)؛ انگريزيءَ ۾ پروفيسر ٽانِي (Prof. Tawney) شايع ڪرائي.
ڀيرومل مهرچند آڏواڻي جي ڪتاب ”سنڌ ۽ سنڌي“ ۾ پنهنجي مضمون ’مخدوم قلندر لعل شهباز‘ ۾ لکيو آهي ته راجا ڀرتري هري جڏهن راجائي ترڪ ڪري گرو گورک ناٿ جو وڃي چيلو ٿيو هو، ۽ پوءِ فقيراڻي ويس ۾ گهمندو ڦرندو سنڌ ۾ آيو هو ته سيوهڻ ۾ اچي رهيو هو. گهڻو پوءِ جڏهن قلندر شهباز اچي رهيو ته هندُو ائين سمجهڻ لڳا ته هيءُ راجا ڀرتريءَ جو اوتار آهي ۽ اهڙو عقيدو اڄ تائين گهڻن جو آهي.


لفظ ڀرتري هريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو