ڀرت جو نمونو

ڀرت جو نمونو

ڀرت جو نمونو 1

ڀرت جو نمونو 1

ڀرت جو نمونو 2

ڀرت جو نمونو 2

ڀرت1

ڀرت: ڀرت سنڌ جو قديم هنر آهي، جنهن جو ثبوت مختلف کنڊرن جي کوٽائيءَ مان به ملي ٿو. ڪاڪو ڀيرو مل لکي ٿو ته ”موهن جي دڙي واري دور جي تهذيب مان معلوم ٿو ٿئي ته زالون ڀرت ڀرينديون هيون“. سئيءَ جي ڪم ۾ سئي کان پوءِ ڀرت جو نمبر آهي، جنهن ۾ سٽ سان گڏ ريشم، زريءَ، مقسي ۽ ڏوريءَ جو ڪم به ٿئي ٿو، جن ۾ ريشم جو سڀ کان وڌيڪ حصو آهي. ڀرت اسان جو اهڙو هنر آهي، جنهن جي ذريعي نه رڳو پنهنجي پاڻ کي ۽ گهر کي سينگاربو آهي، پر اهو گذران جو ذريعو به آهي ۽ هينئر جيتوڻيڪ اسان وٽ ڀرت ڀرڻ جون مشينون عام آهن، تنهن هوندي به اسان جي شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ ڪافي سگهڙ ۽ سڄاڻ عورتون موجود آهن، جيڪي پنهنجن هٿن جي ڪرامتن سان انهيءَ هنر کي ڏينهان ڏينهن اڳتي آڻي ۽ ترقي ڏياري رهيون آهن.

اسان جي قديم توڙي جديد ڪلچر ۾ ڀرت جي دائري اندر جيڪي شيون اچي وڃن ٿيون، انهن ۾ ساڙهيون، پوتيون، اوڍڻ، ريٽا، بوڇڻيون، مليرن جا پلوَ، ڪنجريون، ڪنجرا، گج، پيٽيون، گگها، لاوڻ، چوليون، چولا، ٽـوپـيــون، رومــال، مــوڙ پٽيون، اکـيــا، اگـوڇڻيون، ڳوٿريون، ڳوٿرا، ڳوٿريا، بجـڪــا، نــورا، جهــلــون، گاسيا، ونڃڻيون، مورڇل، سينهيون، ميزپوش، ٽري پوش، ٽڪوزيون ۽ تائٿ (تعويذ) وغيره. ڀرت ڀرڻ وقت سٽ، پٽ ۽ مقيش وغيره سان گڏ جن ٻين شين جو استعمال ٿئي ٿو، سي آهن ٽئونر، ٽڪون، ستار، موتي، مڻيا، لعلون، پلرا ۽ ٻيجو وغيره. جن جي ذريعي واسطيدار شيون وڌيڪ سٺيون ۽ چمڪندڙ بنايون وينديون آهن. اهڙيءَ طرح اسان وٽ ڪي اهڙيون به ذاتيون آهن، جيڪي ڀرت سان گڏ ڪچ ڪوڏيون، تيلاهون، ڪوڏيون ۽ پوڙيون وغيره به استعمال ڪن، جيئن منگل پوٽا ۽ چوهاڻ وغيره. سنڌي عورتن جي وڄا ۽ ويٽ جو اهو به ڪمال آهي جو اهي ڀرت جا گول، ٽڪنڊا، چورس ۽ مستطيل وغيره ۽ گل ڦل سڀئي اوزارن کان سواءِ ٺاهين. تنهن لاءِ ڀرت ڀرڻ کان پهرين ڪپڙي تي ميٽ ٻوڙيل سئيءَ سان نشان ڪن ۽ ليڪا ڪڍن، جن کي ڀرت ڀرڻ جي اصطلاح موجب چون ”لکڻ“ ۽ اهو لکڻ اهڙو ڏکيو ڪم آهي، جو سڀ ڪا عورت ڪري ڪين سگهندي آهي ۽ فقط ڪي ڪي سڄاڻ ۽ هوشيار عورتون ڪنديون آهن. انهيءَ ڪري عام ڀرتياريون، ڪهي اچي اهڙين عورتن کان لکائين ۽ صلاح مشورو ڪن. هن وقت جيتوڻيڪ ڪاٺ ۽ مٽيءَ مان ڀرت جي مختلف نمونن جا پور ٺاهيا ويا آهن، تڏهن به گهڻو ڪري شهر توڙي ٻهراڙين جون سگهڙ عورتون، انهن پورن جي استعمال بدران هٿ جي لکڻيءَ کي وڌيڪ اهميت ڏينديون آهن. اسان جي ڪلچر ۾ موجوده وقت تائين ڀرت جا جيڪي ٻه نمونا ملن ٿا، انهن کي ٿلهي ليکي ڇهن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي، جيڪي هيٺين طرح آهن:

(1) ڳنڍيندڙ ڀرت: جيڪي ڀرت، ڪپڙي جي حصن يا ٽڪرن کي پاڻ ۾ ملائڻ ۾ ڳنڍڻ جو ڪم ڪن ٿا، تن کي ڳنڍيندڙ ڀرت چئبو آهي جيئن اُرمون کڻ، کٿيءَ جو کڻ، کيلڻ، ڏانگڙو يا آنگڙو وغيره.

(2) سوراخ ڀريندڙ ڀرت: جن ڀرتن جي ذريعي، ڪپڙي ۾ ٿيل سنها ۽ وچولا سوراخ بند ڪيا ويندا آهن، تن کي سوراخ ڀريندڙ ڀرت چئجي ٿو، جيئن، تن، ٽڪون ۽ ڄاريون.

(3) ورڇيندڙ ۽ گهيريندڙ ڀرت: ڀرت جا جيڪي نمونا مختلف ڊزائينن ۽ ڀرتن جي وچ ۾ دنگ طور ڪم اچن ٿا ۽ ڀرت کي جدا جدا حصن ۾ ورهائين ٿا، تن کي ورڇيندڙ يا گهيريندڙ ڀرت چئبو آهي. جيئن ريسو (سادو ۽ ذاتيلو) اڏ، بند، آنڪ (ڪچي ۽ پڪي) ڳانو، ناڙو، سڙهه، پليهر ڇڊ ۽ ڇڊو کڻ وغيره.

(4) وڏا ڀرت: ڪنهن به ڪپڙي تي جيڪو ڀرت ڀريل هوندو آهي، ان ۾ ڀرت جا ڪي نمونا خاص ۽ اهم هوندا آهن، اهڙن ڀرتن کي ”وڏا ڀرت“ چئبو آهي. اسان وٽ اهڙي قسم جا جيڪي ڀرت آهن، تن جو مختصر ڳاڻيٽو هن طرح آهي. کٽڻهار، هرمچ يا هرمچي يا ٽکوهي، کارڪ ول، حاڪم، صوف، ڪوٽ، ڪنڍل، ڪيما، گهرام، گل، مٺا خان، دهري، ڪنگور، ڦل، نڪسيرا، هنج ڪرا، موريا، طوطا، چڙڪون، مڇي وغيره، انهن ڀرتن ۾ ڪيترا اهڙا ڀرت به آهن، جن جا هڪ کان وڌيڪ نمونا ٿين ٿا. جيئن: کٽڻهار جي نموني ۾ کٽڻهار جي گهوڙي، کٽڻهار جي اڌڙي، ڪاتريو يا ڪتريو کٽڻهار، اٺ تاڙيو کٽڻهار ۽ سورنهن تاڙيو کٽڻهار وغيره.

(5) ننڍا ۽ ڀرتي ڪندڙ ڀرت: جيڪي ڀرت وڏن ڀرتن جي وچ ۾ اچي خالي جاءِ ڀرين يا ننڍين شڪلين ۾ ٺهن ٿا، تن کي ننڍا ڀرت چئبو آهي، جيئن: تارڙا، پيٽ ڦاٽا يا ٻاريا، تن ٽڪون، بند، جهوڪ، ذات، کنگهرا، لهريو، ڀڳڙو، ڀئونري، ڦلڙي، ڪڻ يا چوڻ، اک، ٽڪليون، چانور، پنکـڙي، اڇو وغيره. ننڍن ڀرتن مان ڪيترا اهڙا ڀرت آهن، جن مان هڪ کان وڌيڪ قسم موجود آهن، جيئن:

(الف) چانور جا قسم: ٻڏي سئيءَ وارو چانور، ٽنگڙيءَ وارو چانور.

پنکڙيءَ جا نمونا: ٻڏي سئيءَ واري پنکڙي، ٽنکڙيءَ واري پنکڙي.

(ج) ٻارين جا قسم: چو ٻاريا، ٻاروچا ٻاريا.

(6) ڪناري وارو ڀرت: جنهن ڀرت جي ذريعي ڪپڙي جو ڪنارو يا ڪپڙي ڪور قابو ڪجي، جيئن اها مضبوط رهي ۽ جلد ڦاٽي نه سگهي تنهن کي ڪناري وارو ڀرت چئبو آهي. ڀرت جي سڀني نمونن کي سامهون رکي، جيڪر ان تي غور ڪبو ته ڏسڻ ۾ ايندو ته ان جا شروعاتي ۽ گهڻي کان گهڻا نمونا ولين، وڻن ٽڻن ۽ انهن جي ڀاڱن سان واسطو ۽ مشابهت رکن ٿا. جيئن گل، ڦل، ول، پنکڙي، ناڙو، صوف، کارڪ، ٻوريا يا ٻاريا، ڀڳڙو، چانور، موٺ، ڪڻ، اک، ٽڪي، کٽڻهار وغيره. اهڙيءَ طرح ڪي ڀرت جا اهڙا نمونا به جاري آهن جيڪي جاندارن جي شڪل تي آهن ۽ انهن نالن سان سڏجن ٿا، جيئن مڇي، مور، چڙيون، طوطو، گيلڙ وغيره.

انهيءَ طرح ڪجهه ڀرت وري اهڙا به آهن، جيڪي جاين، شين ۽ ماڻهن جي نالن سان مشهور آهن. جيئن ڪندن ڪوٽ، اڏ، هنج ڪرا، گولڙو، کنگهرا، ڇير، ڳاٺا، حاڪم، گهرام ۽ مٺـا خان وغيره. ڀرت اهڙو هنر آهي، جيڪو نئين ڏينهن نئون روپ اختيار ڪندو ۽ وڌندو رهيو آهي ۽ وڌندو رهندو ۽ انسان ذات جي سونهن ۽ سڃاڻپ ۾ واڌاري جو سبب بڻبو. اهڙيءَ طرح سنڌو ماٿري جا رهواسي هنر ۽ ڪاريگريءَ ۾ پنهنجو ثاني پاڻ هئا، جيڪڏهن سنڌي مرد ڪنڀارڪي، لوهارڪي يا ڪنهن ٻئي هنر ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئا، ته سندن زالون به هنر ۽ ڪاريگريءَ ۽ ڀرت ڀرڻ ۾ انتهائي ڀڙ هيون. زريءَ جو ڪم ڪرڻ ۽ ڀرت ڀرڻ ته سندن خاص مشغلا هئا.

ڀرت ڀرڻ جو هنر، قديم تاريخي هنر آهي، پر اڄ اهو هنر سنڌين وٽ انتهائي عروج تي پهتل آهي. ڀرت جيڪو ڪئين صديون اڳ ڀريو ويندو هو، سو ساڳي شڪل ۾ موجود آهي يا ان ۾ تبديلي واقع ٿي آهي؟ انهيءَ سلسلي ۾ اهو دعويٰ سان چئي سگهجي ٿو ته باوجود صديون گذرڻ جي ڀرت جو طريقو اڄ سوڌو ڦري نه سگهيو آهي، پر جيڪڏهن ڀرت جي مختلف قسمن ۽ ان جي نالن ۾ ڪا ڦير ڦار ٿي هجي ته چئي نٿو سگهجي، پر جيڪڏهن ڪا ڦير ڦار ٿي به هوندي ته بلڪل معمولي نوعيت جي ٿي هوندي، ڇو جو اسان وٽ ”زريءَ“ جو مثال موجود آهي، جيڪا 8 هزار سال اڳ به زري هئي ته اڄ به زري آهي.

ڀرت جا نمونا:

(1) ڳانو: پيرن واري پاسي کان، ڪچي سٽ جي اڌ انچ يا ان کان ٿورو گهٽ هڪ پٽي رکي وڃي ٿي. ان پٽيءَ کي واڙڻ واسطي ڪاري ڪئميري جو ٽوپو ڏين، جنهن کي ڳانو سڏيو وڃي ٿو.

(2) ڦلڙيون: لفظ ڦلڙيون جي اصلي معنيٰ آهي، اُهي گل جيڪي اڪ جي وڻ کي لڳن. پر هتي ان جون ڪيتريون ئي معنائون ورتيون وڃن ٿيون ۽ انهن سڀني کي ڀرت جي شڪل ڏني ويندي آهي. ڦلڙيون ڪاري ڳاني تي ٽاڪيون وڃن ٿيون ته جيئن ڳانو وڌيڪ خوبصورت لڳي.

(3) مڇي ڇاپ ڦلڙي: جهڙيءَ طرح نالي مان ئي ظاهر آهي. هن جي ڀرڻ وقت انتهائي مهارت جي ضرورت هوندي آهي. هن ڦلڙيءَ جي شڪل بلڪل اهڙي ڀري ويندي آهي، جهڙي ڪا مڇي، اهي ڦلڙيون جڏهن ڳاني تي مڪمل ٿيو وڃن. تڏهن ائين پيو لڳندو آهي، ڄڻ سنڌوءَ جي سير ۾ ترندڙ مڇيون. ڪي تمام گهڻيون هنرمند ۽ ڪاريگر زالون ته مڇيءَ جا تقريباً ٻه ٽي قسم به ڳاني تي ٽاڪين. مڇين واريون اهي ڦلڙيون سنهڙي يا سفيد مُڪي سان ٽاڪيون وڃن ٿيون.

(4) گل ڇاپ: هي ڦلڙيون به ڪاري ڳاني تي سونهن لاءِ ڀريون وڃن ٿيون. عموماً هر قسم جو گل ٽاڪي سگهجي ٿو، پر خاص توجهه موتيءَ جي گل تي ڏني ويندي آهي يا پوءِ اڪ جي ڦلڙي ٽاڪڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي جيڪا انتهائي محنت طلب ٿئي.

(5) پيٽ ڦاٽو: ڦلڙيءَ جو هي قسم تمام گهٽ ذات يا ”اڇوت“ سمجهيو وڃي ٿو، جيتوڻيڪ هي به گل جو هڪ قسم ٿئي، جنهن جو اندريون دائرو يا سرڪل بلڪل خالي ٿئي. اتي ڪو ڀرت ڪو نه ڀرين ۽ دائري جي مٿان سخت قسم جون ٽي يا وڌ ۾ وڌ چار ڀتيون ٺاهين. ڦلڙي جو هي قسم گهڻو محنت طلب نه آهي ۽ نه ئي ايڏو مقبول، ڇاڪاڻ ته منجهس ايڏي سونهن ڪا نه ٿئي.

(6) ريسو: ڦلڙين جي ٽاڪڻ ۽ ڳاني جو عمل پورو ڪرڻ بعد اڇي رنگ جي مڪي جي هڪ پٽي ڪڙين اها پٽِ مڪي جي تقريباً ڇهن تندن کان ڏهن تندن جي ٿئي، ان کي هتان جون سگهڙ زالون ”ريُسو“ سڏين. ريسي ۾ مڪي جون ٻڌايل تندون ڳاني جي نموني تي رکبيون وڃبيون ۽ کين ناسي يا نيري ڪئميري جي سيبو ڏبو رهبو. ريسو ان ڪري چون جو اهو ڳاني جي نموني ٿئي، تنهنڪري ان کي ريسارو به سڏين.

ريسو سفيد ڪپڙي يا ڌاڳي يا ڪشميري سان به ڀري سگهجي ٿو مگر اها سونهن ڪا نه ٿيندي، جيڪا مڪي جي ڪڙڻ سان ٿئي ٿي. ريسي کي مضبوط بنائڻ لاءِ پڻ بارڊر ڏبا آهن جن کي ”آنڪ“ سڏيو وڃي ٿو. اهي آنڪون وري ٻن قسمن جون ٿين. (1) ڪچي آنڪ (2) پڪي آنڪ.

7) جوڙو: اهڙي نموني سنڌياڻيون ريسو ڀرڻ کان پوءِ جوڙو ڀرڻ ڏانهن پنهنجي سئي جو رخ موڙين. جوڙو مڪي جي ٻن ڪنڊن (اهو مڪو ڪنهن به رنگ جو ٿي سگهي ٿو) جي وچ ۾ ريسي کان ٻيڻو يا ٽيڻو ٿئي، ته وچ واري خال ۾ وري ساڳي مڪي سان سگهڙ زالون پنهنجي مرضيءَ مطابق گول يا ٻن ۽ ٽن ڪنڊن وارا خانا ٺاهينديون آهن. انهن خانن ٺاهڻ مهل وڏي مهارت کان ڪم ورتو وڃي ٿو. جڏهن خانن ٺاهڻ جو عمل پورو ٿي وڃي ٿو، تڏهن سگهڙ زالون انهن خانن کي مختلف رنگن جـي ڌاڳـن يـا ڪـشـميـري سـان ڀرين ٿيون ،جن کي ”ٻيجو“ سڏيو وڃي ٿو. اهڙي طرح مختلف ڌاڳن جي رنگن جي سنگم سان جوڙو انڊلٺ تيار ٿي ويندو آهي. پر ڪي عورتون ٻيجي ڀرڻ واري محنت کان ڪيٻائينديون آهن ۽ شيشي جون ٽڪون به استعمال ڪن ٿيون.

(8) ڇير: جوڙي جي پوري ٿيڻ بعد اڳيون سيپ ”ڇير“ جو ٿئي، هن سيپ کي ”ڇيرانڪري“ سڏين، جو اها هوبهو ڇير وانگي ڀري ويندي آهي. ڇير جو ڀرت ڀرڻ لاءِ سڀ کان پهريائين هڪ مرڪزي تند لڳائي ويندي آهي ان کان پوءِ ان جي ٻنهي پاسي ڇير جو ڀرت ڀريو وڃي ٿو. ڇير به ٻن قسمن جي ٿئي.

(1) چوٽي ڇير: هي اها ڇير آهي، جيڪا مرڪزي ڌاڳي جي مٿئين پاسي جوڙي وڃي ٿي، اها هڪ چوٽي ڇير سڏجي ٿي.

(2) ٻه- چوٽي ڇير: هي مرڪزي ڌاڳي جي ٻنهي پاسي ڪڙي ويندي آهي. هن ۾ چانديءَ جي ڇير وانگي ڪئين چٽ ڪڍيا وڃن ٿا ۽ ننڍا وڏا دائرا ۽ گل ٺاهيا وڃن ٿا، پر ان سموري عمل ۾ ٻٽي تند استعمال ڪئي وڃي ٿي.

(9) ٽه- کوهي: ان ڀرت کي سگهڙ زالون خبر ناهي ڇو ٽه -کوهي ڪري سڏين ٿيون، پر اڳئين وقت ۾ هن کي ”هُرمچ“ به سڏيو ويندو هو ۽ اڄڪلهه پانچي جي سموري ڀرت کي به هرمچ سڏين. ٽه -کوهي جو ڀرت ڀرڻ لاءِ سڀ کان پهريائين ”گهوڙي“ ڀري ويندي آهي، اها گهوڙي انگريزي اکر W جهڙي تيار ڪرڻ بعد ڊبليو جي ٻنهي ڪنارن تي چورس خانا ٺاهيا وڃن ٿا، جن کي ”ڀڳڙو“ ڀرت سڏين. اهڙِيءَ طرح انهيءَ ڀڳڙي واري ڀرت کي پڪو ڪيو ويندو آهي. جڏهن ته اهو پڪو ٿي وڃي ته ٽن ڪنڊن وارا خانا ٺهيو پون، جن کي ”ٽه کوهي“ سڏين.

(10) ڪوٽ: هن مان مراد اهو ئي ڪوٽ آهي، جيڪو اڳيان بادشاهه پنهجن محلن جي بچاءَ لاءِ ڏيندا هئا. هي ڀرت به ٽه کوهي وانگي ڀرجي ٿو، پر هتي ڀڳڙي جي پڪي ڪرڻ بعد مٿين پاسي چوٽيون ٺاهيون وڃن ٿيون ۽ انهن چوٽين کي مُڪي جي ٻٽي تند جو بارڊر ڏيڻ سان ڪوٽ ٺهيو پوي.

(11) ڪنگرا يا ذات: پانچي جي ڀرت جو هي آخري عمل آهي تنهنڪري ڪي زالون پانچي کي وڌيڪ سهڻو بنائڻ لاءِ ان عمل کان اڳي مٿيون ڀرت ٻن کان چئن دفعن تائين دهرائي ڀرت کي گوڏي جي لڳ ڀڳ آڻي ڇڏين ٿيون، جنهن سبب خوبصورتيءَ ۾ اضافو ٿئي ٿو. حيدرآباد جي پڪي قلعي واري ڪوٽ تي موجود ڪنگرن واري ساڳي بيهڪ، ساڳي خوبصورتي ۽ ساڳيون ڪنڊون ۽ ساڳيا جارا يا خانا، انهن ڪنگرن کي وري ذات ان ڪري چون، جو انهيءَ جي سبڻ وقت مختلف رنگن جو ڌاڳو استعمال ڪيو ويندو آهي. پر عموماً ستن قسمن جا ڌاڳا يا ڪشميرو يا پوءِ مُڪو استعمال ڪري انڊلٺ بنائي ويندي آهي. اهڙيءَ طرح پانچو ڀري مڪمل ڪيو ويندو آهي ۽ پوءِ جڏهن اها ڀرت ڀريل پانچي واري شلوار پهرڻ واري جي سونهن ۾ اضافو ڪري ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو