ڀرمي ڳوٺ واري درسگاھہ

ڀرمي ڳوٺ واري درسگاھہ: هيءَ درسگاھہ ڳوٺ ڀرمي، تعلقي ۽ ضلعي شھدادڪوٽ ۾ مولوي محمد هاشم شهدادڪوٽيءَ قائم ڪئي هئي. مولانا محمد هاشم 1259ھہ/ 1843ع ۾ ڄائو، تنهنڪري اندازو آهي تہ هيءَ درسگاھہ 1290ھہ/ 1873ع کان 1300ھہ/ 1882ع واري ڏهاڪي ۾ قائم ٿي. اڳتي هلي هن بزرگ ڳڙهي ياسين ۾ بہ هڪ وڏيءَ درسگاھہ جو بنياد رکيو. انهن ٻنهي درسگاهن مان هيٺين عالمن فيض پرايو: مولانا گل حسن ڪٽبار، مولوي عبدالله رتائي، مولانا محمد قاسم ڳڙهي ياسين وارو، مولانا جمال الدين صحبت پوري، مولانا ڪمال الدين سيوهاڻي، مولانا تاج محمد بلوچستاني، مخدوم غلام مصطفيٰ (سجادہ نشين محمد پور شريف) مولانا عنايت آگرو، مولانا پير محمد وارھہ، مولوي محمد حسن سجادہ نشين درگاھہ ڪٽبار (بلوچستان) وغيرہ.


هن صفحي کي شيئر ڪريو