ڀريالوءِ / پريالوءِ: اصل ۾ ڀريالوءِ، ڀريا= ذات جو نالو + لوءِ =ڳوٺ آهي. ڀريا ذات جي ماڻھن جو ڳوٺ هو، بعد ۾ پير صاحب پاڳاري ان کي مخدوم محمد اسماعيل جي درگاھہ سببان ”پريان لوءِ“ (محبوبن جو ڳوٺ) سڏيو، جو نالو ھينئر مروج آھي. ھي ڳوٺ ضلعي خيرپور ميرس جو اھم ڳوٺ آھي. پريالوءِ ۾ مشھور عوامي راڳي سرمد سنڌيءَ پڻ جنم ورتو. شڪيل پريالوي، نور احمد ميمڻ (سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ جو مالڪ) ۽ سجاد ميراڻي هن شھر جا ناميارا اديب ۽ شاعر آهن.