ڀريو ويرداس: هي ھڪ سالڪ بزرگ ٿي گذريو آھي، جيڪو نائين صديءَ ھجريءَ ۾ پيدا ٿيو. مجذوب ۽ مستيءَ ۾ رھڻ وارو بزرگ ھو. ڀريو ويرداس هڪ برھمڻ ھو، سندس رھائش گهڻي ڀاڱي ٻيلن، جهنگلن ۽ پھاڙن ۾ ھوندي ھئي. هو ڪيترن ئي هنڌن تي گهمندو رهيو. زندگيءَ جا آخري ڏينھن گنجي ٽڪر جي ھنج ۾ اچي رھيو هو. ”حديقة الاولياءِ“ جو ليکڪ ٻڌائي ٿو تہ ھن اسحاق آھنگر جو مشھور بيت ”هجان مان جهرڪ، ويهان پرينءَ جي سُپَ تي“ ڀريي ويرداس کان ئي ٻڌو ھو، جيڪو بيت سنڌي شاعريءَ جي شروعاتي بيتن ۾ شمار ڪيو ويندو آھي. ھن درويش جو ديهانت 903 ھه/ 1497ع ڌاري ٿيو. سندس آخري آرامگاھہ حيدرآباد جي ڀرسان گنجي ٽڪر تي آھي.