ڀري ٻيڙيءَ ۾ واڻيو ڳورو

ڀري ٻيڙيءَ ۾ واڻيو ڳورو: هن پهاڪي جي معنيٰ آهي تہ ”غريب جو واهي “. هڪ روايت موجب ڪنهن زماني ۾ هڪ ٻيڙي ڪناري کان ٿورو پنڌ تائين هلي ۽ ٻڏڻ جو انديشو محسوس ٿيو تہ ناکئي چيو تہ ڪجهہ ماڻهو لهن، نہ تہ ٻيڙي ٻڏي ويندي. هر ڪنهن هيٺ لھڻ کان لهرايو ۽ فيصلو ٿيو تہ ڳڻپ ۾ جنهن جو نائون نمبر اچي، اهو هيٺ لهندو. ڳڻپ شروع ڪيائون تہ سڀ کان پهرين هڪ واڻيو نائون نمبر آيو، جنهن کان پوءِ ٻيو ۽ ٽيون دفعو بہ واڻيو آيو. مطلب تہ ائين جيڪي بہ ماڻهو هيٺ لٿا، اهي سڀ جا سڀ واڻيا هئا. واڻين جي اهڙي رحم جوڳي حالت ڏسي، ڪنهن اهي لفظ چيا جيڪي وري پهاڪي جي صورت ۾ آيا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو