ڀرچونڊي شريف وارو ڪتب خانو: ڀرچونڊي شريف شھر ڏهرڪي (ضلعي گهوٽڪي) کان تقريباً چار ڪلوميٽر اتر طرف آهي. هن خانقاھہ جو بنياد مشھور عالم حافظ محمد صديق رکيو هو. هتي خانقاھہ سان گڏ هڪ ڪتب خاني جو بنياد رکيو ويو هو. هن ڪتب خاني ۾ هزارين ڇپيل ڪتابن سان گڏوگڏ قلمي نسخا پڻ موجود آهن، جن ۾ 50 کن قرآن مجيد جا قلمي نسخا، قرآن مجيد جا تفسير، ڪيترا عربي ڪتاب ۽ فارسي قلمي نسخا آهن. قرآن مجيد جي قلمي نسخن مان صرف ڇھن نسخن تي ڪاتبن جو نالو ۽ سن ڄاڻايل آهي، انهن قرآن مجيد جي نسخن مان 23 وڏي سائيز ۾ ۽ 3 ننڍي سائيز ۾ آهن ۽ انهن مان سورهن زبون حالت ۾ ۽ باقي صحيح حالت ۾ آهن. تفسير جي ٽن قلمي نسخن مان ٻہ نسخا ملاحسين واعظ ڪاشفي جا تفسر ”تفسير حسيني“ جلد اول ۽ جلد دوم آهن.