ڀرڪيو شيخ، ڪاتيار: هي بزرگ نصر پور جي سماواتي پرڳڻي جي قديم ڳوٺ ڪاتيار جو باشندو هو. هن جو مقبرو اڃا بہ هن ساڳئي ڳوٺ شيخ ڀرڪئي ۾ آهي. هي ڳوٺ گلاب لغاري تعلقي ماتليءَ جي الهندي 5-6 ميلن تي واقع آهي. هن بزرگ جي والد جو نالو شاهو ڪاتيار هو. شيخ ڀرڪيي زهد ۽ تقوا، رياضت ۽ عبادت ۾ وڏو مقام حاصل ڪيو. هيءُ سالڪ مجذوب هو. هن جي مجاهدن ۽ ڪرامتن جا احوال حديقة الاولياءَ ۽ تحفة الڪرام ۾ ڪافي آيل آهن. حديقة الاولياءَ جي مؤلف هن جو تعارف هن طرح پيش ڪيو آهي تہ ”هي حق جو ڄاڻو ۽ مجذوب ولايت جي ملڪ جو والي، حقيقت جي واٽ جو پانڌيئڙو، ترڪ ۽ فنا جي راھہ جي مجاهدن جو سرموڙ، نفس ۽ هوا جي مخالفن جي واديءَ ۾ سڀني صاف باطن سالڪن جو سالار، صاحب حال ۽ اهل دل، زماني جو نيڪو ڪارن جو پيشوا، نامدار آزاد انسانن جو خلاصو، يعني شيخ ڀرڪيو ولد شاهوڪاتيار، ان زماني جي سڀني نامدار بزرگن ۽ ڪبار مشائخن مان سالڪ ۽ مجذوب هو.“
هي بزرگ هالاڪنڊيءَ جي مخدوم احمد ۽ محمد جو همعصر هو. مخدوم احمد، جنهن جي وفات حديقة اولالياءَ ۾ 924 ھہ بمطابق 1518ع ڄاڻايل آهي ۽ تحفة الڪرام واري صاحب 930 ھہ بمطابق 1523ع ڄاڻائي آهي. هن حساب سان ڀرڪيي جو هن دار فانيءَ مان الوداع ڪرڻ 925 ھہ بمطابق 1519ع ۽ 935 ھہ بمطابق 1519ع جي وچ ۾ سمجهڻ گهرجي. مخدوم نوح رحه جي ولادت کان اڳ پاڻ هڪ دفعي چيائون تہ ”مخدوم نعمت ﷲ کي لطف ﷲ نالي هڪ اهڙو فرزند ٿيندو، جنهن کي حق تعاليٰ جو دائمي حضور حاصل ٿيندو.“ هاڻي بہ هر سال هن صاحب جو عرس 11-10-9 شعبان تي ٿيندو آهي.
شيخ ڀرڪيو ڪاتيار شاعر بہ هو، جنهن جا ست بيت مشھور محقق هيري ٺڪر راجستان رياست مان اجمير جي پاسي جي ڳوٺ ”نارائڻا وهار“ مان 80-1979ع ڌاري هٿ ڪيا هئا، جن مان ڪي هت ڏجن ٿا:
هليا سي ”نڪنج“ ڏي، ’ڀرڪڻ‘ چوي ڀري،
لوڪان اوري آسرو، اسان پنڌ پري.
”ڀرڪڻ“ سندي مڪڙي، نہ اورار نہ پرار،
نہ لائو لهرن سين، نہ تر، نہ پاتار،