ڀلا ڀُونءِ نہ وِسرن (ڪتاب ):سنڌ جي سماجي ۽ سياسي شخصيت، سيد امداد محمد شاھہ جي خدمتن ۽ سياسي خدمتن تي نوجوان شاعر ۽ اديب ماڻڪ ملاح جو ترتيب ڏنل، 88 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، محرابپور سڪرنڊ تڪ مان چونڊيل صوبائي اسيمبليءَ جي ميمبر، سيد غلام مصطفيٰ شاھہ، 2005ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. ڪتاب جي ارپنا، سائين امداد محمد شاھہ جي آئيڊيل شخصيت، شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي نانءَ ڪيل آهي. ڪتاب ۾ اعجاز منگي، جاويد قاضي، ذوالفقار هاليپوٽي، عبدالحڪيم ارشد، سيد بشير احمد شاھہ، سيد جلال محمود شاھہ، ڊاڪٽر علي احمد رند، علي نواز ٻٽ، مير محمد پيرزادي، سيد زين شاھہ، غياث حيدر، عبدالخالق جوڻيجي، ڊاڪٽر مير عالم مري، مسز ارشاد سعيد، همسفر گاڏهي ۽ ماڻڪ ملاح جا تاثر، تاثراتي مضمون ۽ اخباري ڪالم شامل آهن، جن ۾ سيد امداد محمد شاھہ جي شخصيت، سياست، سماجي ۽ قومي خدمتن جو جائزو ورتو ويو آهي.