ڀنڀاڻي، نارائڻداس ميوارام: پروفيسر نارائڻداس ميوارام ڀنڀاڻي، ساهتي خطي جو رهاڪو، سنڌي ٻوليءَ جو اوائلي خدمتگار هو. هن بمبئي يونيورسٽيءَ مان انگريزي ادب ۾ ايم. اي ڪئي، بعد ۾ ڊي. جي. ڪاليج ڪراچيءَ ۾ انگريزيءَ جو پروفيسر مقرر ٿيو. سنڌي ادب ۽ سنڌي زبان سان خاص محبت هئس. ڀنڀاڻي صاحب ڪيترائي ترجما ڪيا ۽ اصلوڪا ناول به لکيا. هن جي اصطلاحن ۽ پهاڪن واري زبان سنڌي نثر جي عبارت ۾ انقلاب آندو. پروفيسر صاحب جا ناول گھرو زندگيءَ جو عڪس پيش ڪن ٿا. سندس ناولن جو خاص مقصد ئي اهو هو ته سماج مان اڍنگين رسمن کي ختم ڪرائجي. هن سنڌي ادب کي جديد رنگ سان سينگارڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. هي سنڌي ادب جي ترقيءَ جو دور هو . خاص ڪري نثر نويسيءَ جي واڌاري لاءِ هن دور ۾ ڄيٺمل پرسرام، لالچند امرڏني مل، خانچند دريانيءَ جھڙا بزرگ به موجود هئا. ڀنڀاڻي صاحب جي تصنيفن جا ڪجهه نالا هن ريت آهن: (1) پاپ ۽ پاڪيزگي (ٿامس هارڊي جي ناول جو ترجمو-1940ع)، (2) مالهڻ (ناول-1942ع)، (3) وڌوا (ناول-1943ع)، (4) شاهه جون سورميون، (1944ع)، (5) ادبي گلشن (ڀاڱو پهريون ۽ ٻيو، 45-1944ع)، (6) غريبن جو ورثو (ناول: 1946ع)، ورهاڱي کان پوءِ ڀنڀاڻي صاحب هندستان هجرت ڪري ويو، جتي ئي ديهانت ڪيائين.