
ڀنڀور ۽ ديبل - ڪتاب
ڀنڀور ۽ ديبل (ڪتاب ): ھيءُ ڪتاب ڀنڀور نئشنل سيمينار 1983ع ۾ پڙھيل مقالن تي مشتمل آھي، جيڪي گهاري سب ڊويزن جي اڳوڻي اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ادب دوست عملدار عبدالقادر منگيءَ جا سھيڙيل آھن، ھن ڪتاب جو انتساب سنڌ جي عظيم محقق ۽ قابل فخر تاريخدان پير حسام الدين شاھہ راشديءَ جي نالي ڪيو ويو آھي. ھن ڪتاب جي مقالن کي ھيٺينءَ ريت ترتيب ڏني وئي آھي.
ڀاڱو پھريون، تاريخ ۽ آثار قديمہ: ھن ڀاڱي ۾ ڊاڪٽر ايف. اي خان، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ڊاڪٽر لوئيس فليم، محترمہ بيگم ممتاز راشدي، مظھر يوسف، ڊاڪٽر حميدہ کھڙو، عبدالله ورياھه، تاج صحرائي، شيخ خورشيد احمد، رفيق مغل، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ ۽ ٻين جا مقالا شامل آھن.
ڀاڱو ٻيو- ادب ۽ ثقافت: ھن حصي ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا، علي احمد بروھي، مھتاب اڪبر راشديءَ، مير محمد بخش خان ٽالپر، ڪمتر نقويءَ، معمور يوسفاڻيءَ، ايم. ايڇ پنھور ۽ ٻين جا مقالا آھن. هن ڪتاب ۾ 288 صفحا آهن. ڊيمي سائيز ۽ جلد ڪچي واري هن ڪتاب کي ٿر پبليڪيشن طرفان شايع ڪيو ويو.