ڀنڀو شاھہ بادشاھہ

ڀنڀو شاھہ بادشاھہ: سلطان ڀنڀو شاھہ بادشاھہ هڪ وارو بزرگ ٿي گذريو آهي، جنهن جي مزار شڪارپور ۾ واقع آهي. هينئر هن بزرگ جي نالي سان اهو محلو ئي ڀنڀو شاھہ محلو سڏجي ٿو. سلطان ڀنڀو شاھہ بادشاھہ جي باري ۾ مشھور آهي تہ هي بغداد جو سيد هو ۽ بغداد کان هتي آيل هو. سندس والد جي نالي جو پتو نٿو پوي ۽ نہ ئي سندس ڄمڻ ۽ وفات جي تاريخ جي خبر پوي ٿي. شروع شروع ۾ هن مزار جو خدمتگار هڪ فقير هو، ان جي وفات کانپوءِ ان جو پٽ فقير شاهنواز سومرو مزار جي سار سنڀال لھي ٿو. سندس مزار سان لڳ چار قبرون آهن، جن مان هڪ فقير قادر بخش سومرو جي آهي ۽ هڪ قبر ڀرپور شاھہ نالي مست جي آهي، باقي ٻن قبرن جي باري ۾ پتو نٿو پوي.


لفظ ڀنڀو شاھہ بادشاھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو