ڀنڀي زميندار جي ڳالھہ

ڀنڀي زميندار جي ڳالھہ (ڪتاب ):هي ڪتاب هندي ٻوليءَ ۾ پنڊت بنسي ڌر جو ٺاهيل هو، جو سر بارٽل فريئر صاحب ڪمشنر جي حڪم موجب ميان غلام حسين قريشيءَ سنڌي ۾ ترجموڪيو. ڀانئجي ٿو تہ مضمون هنديءَ تان ترجمو ڪيو ويو. مگر ماڻهن ۽ ڳوٺن جا نالا سنڌ جا ڪم آندا ويا آهن. هي ڪتاب بہ شروعات وارن ڏينهن ۾ درسي ڪتاب هو. جنهن جي قيمت ٻہ آنا ڇھہ پايون هئي. هيءُ ڪتاب، تعليم کاتي ڪراچيءَ طرفان 1854ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو