
ڀنڙ ڪاٺوڙي
ڀنڙ ڪاٺوڙي (Caparidaceae/Cleome Viscosa Linn ):هي ٻوٽو گندگاھہ طور فصل ۾ خاص ڪري سياري جي مند وارن فصلن ۾ گهڻو ڦٽي ٿو. ان کان سواءِ سونهن لاءِ بہ هن ٻوٽي کي باغن ۾ پوکيو ويندو آهي. هن جا گل سھڻا ٿين ٿا. هن ٻوٽي کي اردوءَ ۾ ”جهنگلي هل هل“، پنجابيءَ ۾ ”هل هل بگڙا“ ۽ انگريزيءَ ۾ ”Wild Mustard“ چوندا آهن. هن ٻوٽي کي ڌنار ’کٿوري‘ بہ چون ٿا. هي ٻوٽو حڪيمن کي مليريا جي بخار ۽ ٻين طبابت جي ڪمن ۾ گهڻو ڪم اچي ٿو. هي ٻوٽو سڄيءَ سنڌ ۾ پنھنجي موسم ۾ ڦٽندو آهي.