ڀوبينسور

ڀوبينسور

ڀوبينسور

ڀوبينسور (Bhubaneswar) (شھر ):ڀوبينسور، اوڙيسا رياست جي گاديءَ جو هنڌ ۽ هندستان جي وڏن شهرن مان آهي، جيڪو 15” 210 اتر ويڪرائي ڦاڪ 850 15’ اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي، سمنڊ جي سطح کان 45 ميٽر اوچائي تي واقع آهي. هي شھر مذهبي اڏاوتن، خاص طور تي مندرن جي ڪري سڄي دنيا ۾ مشھور آهي. هن وقت بہ هتي 500 مندر سالم حالت ۾ موجود آهن. ٽي هزار سال پراڻي تاريخ رکندڙ هي شھر ڪنهن سمي ڪلنگا (ڏسو: ڪلنگا) جي گاديءَ جو هنڌ هو. هتي ئي اشوڪ اعظم ۽ ڪلنگا جي وچ ۾ 200 ق. م ۾ تاريخي جنگ لڳ هئي، جنهن جي نتيجي ۾ اشوڪا جي سلطنت قائم ٿي. هي پراڻي زماني ۾ ’اوڏر ديش‘ ڪري سڏبو هو. هن وقت هندستان جو تمام وڏو صنعتي شھر ليکيو وڃي ٿو. جڏهن تہ ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجيءَ جي حوالي سان هي شھر هندستان جي ڀوپال، حيدرآباد ۽ لڌيانه کان پوءِ وڏي ۾ وڏو شھر ليکجي ٿو. ورلڊ بئنڪ جي رپورٽ موجب ڪاروباري لحاظ کان هندستان جو ٽيون نمبر وڏو شھر آهي. هتي ڪيترائي صنعتي پارڪ (Parks) قائم ڪيل آهن. جن مان آءِ. ٽي پارڪ (I.T. Park)، انفو سسٽم ۽ سٽيام ڪمپيوٽر سروس لميٽڊ، ايڪسپورٽ پروموشن انڊسٽريل پارڪ (EPIP) وغيرہ مشھور آهن. کنداگري (Khandagiri) جي ڀرسان قائم ڪيل آءِ. ٽي. پارڪ ۾ 5000 ماڻهو هڪ ئي وقت تربيت وٺي سگهن ٿا. هن شھر کي پنھنجي الڳ ريلوي اسٽيشن آهي، جڏهن تہ بجو پاتنيڪ (Biju Patnak) نالي سان هڪ ايئرپورٽ بہ آهي. ريل توڙي هوائي رستي سان هي شھر هندستان جي سڀني وڏن شهرن سان ڳنڍيل آهي. تعليمي لحاظ کان هتي هيٺيان ادارا ڪم ڪري رهيا آهن. (1) زاويئر انسٽيٽيوٽ آف مينيجمينٽ (Xavier Institute of Management) سڄي هندستان جو مينيجمينٽ جو وڏو ادارو آهي. (2) اٽڪال (Utkal) يونيورسٽي، (3) دي انسٽيٽوٽ آف فزڪس، (4) انڊين انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي، (5) نيشنل انسٽيٽيوٽ آف سائنس ايجوڪيشن اينڊ ريسرچ (NISER)، (6)انسٽيٽيوٽ آف ميٿيميٽڪس اينڊ ايپليڪيشنس (IMA)، (7) آءِ. ٽي. ڀوبينسور، (8) اوڙيسا يونيورسٽي آف ايگريڪلچر اينڊ ٽيڪنالاجي وغيرہ. ان کان سواءِ بہ هتي 200 کان مٿي پرائيويٽ ادارا تعليم جي ميدان ۾ اهم ڪردارا ادا ڪري رهيا آهن. 2000ع ۾ هتي جي ڪل آبادي 19000000 (هڪ ڪروڙ نوي لک) هئي، جنهن ۾ 56 سيڪڙو مرد ۽ 44 سيڪڙو عورتون هيون. 2001ع جي هڪ رپورٽ موجب تعليم جي شرح 79 سيڪڙو آهي. هتي جي ٻولي اوريائي (اوڏڪي) آهي، پر مارواڙي، پنجابي، بنگالي ۽ تيلگو زبانون بہ ڳالهايون وڃن ٿيون. سڄي اوڙيسا صوبي وانگر هتي بہ گهڻي ڀاڱي جگنناٿ جا پوئلڳ موجود آهن.
جيئن تہ هي مندرن جو شھر آهي ۽ هتي هر مذهب جا مندر ججهي تعداد ۾ موجود آهن. جن مان ڪن اهم مندرن جو وچور ڏجي ٿو: (1) سڀ کان مشھور ۽ خوبصورت مندر لنگراج (Lingraj) آهي، جيڪو وڏي چوديواري اندر محفوظ آهي. هي شِوَ جو مندر آهي، جيڪو زميني سطح کان 55 ميٽر اوچو آهي. هتي غير هندو ماڻهن کي اچڻ جي منع ٿيل هئي، پر انگريزن جي دور کان وٺي سياحن کي اجازت ڏني وئي آهي، (2) پوراسورا ميسوارا مندر (Purasura mesvara Temple)، (3) مڪتيسوارا مندر (Muktesvara Temple)، (4) راجا راني مندر (Raja Rani)، (5) وئيتال مندر (Vaital Temple)، (6) برهميسوارا مندر (Brahmesvara Temple)، (7) ميگهيشوارا مندر وغيرہ. ان کان سواءِ ڪجهہ نوان مندر بہ ٺهيا آهن.
ڀوبينسور کان اٺن ڪلو ميٽرن جي پنڌ تي جين ڌرم وارن جون غارون آهن، جيڪي کانديگري (Khandagiri) ۽ اڌياگري جي پهاڙن ۾ آهن. هنن غارن ۾ اندر چٽ ۽ اُڪر جو ڪم ٿيل آهي. تحقيق موجب اهي ماڳ 2 (ٻئين) صدي ق.م جا آهن. انهن مان هڪڙي کي راڻي غفا ۽ ٻئي کي هاٿِي غفا ڪري سڏين ٿا.
ڀوبينسور کان 8 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي دائولي گري (Dhauligiri) نالي ماڳ آهي، جتي اشوڪ اعظم سان 261 ق. م ۾ وڏي جنگ لڳي هئي. انهي جنگ ۾ تمام گهڻا ماڻهو مارجي ويا هئا. اها رتوڇاڻ ڏسي اشوڪ اعظم کي جنگ کان نفرت ٿي پئي، حالانڪہ هُو فاتح هو، پر پوءِ انساني رت جي هن راند کي نفرت جي نگاھہ سان ڏسندي ٻڌ ڌرم اختيار ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو