ڀوتڙا: بوبڪن ۽ کٻڙوٽ جي ڀرسان هڪ ڳوٺ. منجهس لاکا، ميمڻ ۽ هندو رهندا هئا، جيڪي وڏا واپاري هئا. ويجهي دور ۾ حاجي محمد بچل ميمڻ هن ڳوٺ جي مشھور شخصيت هو. جڏهن تہ ڪلهوڙن جي دور ۾ لالا موهن لال ڀوتڙو هتان جو وڏو عالم ۽ تاريخدان ٿي گذريو، جنهن ”نگيرانِ سنڌ“ نالي ڪلهوڙن جي تاريخ عطر خان ڪلهوڙي جي چوڻ تي لکي هئي. جيڪا پنجاب جي عباسين (ايس. ايم. عباسي سنڌ جي اڳوڻي گورنر) وٽ محفوظ آهي. هن ڳوٺ سان لڳ ئي کٻڙوٽ جو مشھور تاريخي ڳوٺ ڦٽل حالت ۾ موجود آهي. هن نالي واري ديھہ ۾ بلوچ، ڀوتڙا ۽ وليداد شاھہ جا پٽ ڳوٺ موجود آهن.