ڀوت2: ڪوھستان جي ھڪ مشھور قبيلي جو نالو آهي، جنھن جو سردار ڀوتاڻي، دريچيءَ ۾ رھندو آھي. ڀوت ذات جا ماڻھو بدين ۽ ميرپورخاص ضلعن ۾ بہ رھن ٿا. جن مان ابراهيم ڀوت مشھور ماڻهو ٿي گذريو آهي.