
ڀوڄ پتر وڻ
ڀوج پتر: هن وڻ کي انگريزي ۾ Jacquiemont، لاطينيءَ ۾ Betulla Bhoja Patra، فارسيءَ ۾ توزڪ، سنسڪرت ۾ ڀوج پتر ۽ بنگاليءَ ۾ ڀوجي پتر چيو ويندو آهي. هن وڻ جو تعلق پوج پتري Betulaceae آڪھہ سان آهي.
هي جابلو وڻ آهي. جيڪو 15 کان 20 ميٽر ڊگهو هوندو آهي. هن جي کل ابرڪ وانگر پرت دار هوندي آهي. ايتري تائين جو ٿلهو ڪاغذ محسوس ٿيندو آهي. هندو پنڊت ڀوڄ پتر تي تعويذ لکندا آهن. انهيءَ جو نقل ڪندي، هاڻ مسلمانن بہ انهيءَ پن تي تعويذ لکڻ شروع ڪيا آهن. پنسارين کان هي پن گهڻو ڪري اهڙي قسم جا ماڻهو ئي وٺڻ ايندا آهن. هن وڻ جا پن ڊگها ڪٽيل هوندا آهن. هي وڻ هماليہ ڪشمير، سڪم، ڀوٽان ۽ پاڪستان ۾ جام ٿئي ٿو.