ڀورن دڙن/ ٽڪرن وارا چٽ: کيرٿر ۾، پير ڪنڀ جي سامهون ۽ ڀورن دڙن (ٽڪرن) جي اولھہ ۾ پٿرن تي چٽن وارا ٻہ هنڌ هڪ ٻئي جي ويجهو آهن. انهن هنڌن تي پٿرن تي ڪيل نقش نگاري توجھہ ڇڪائيندڙ آهي. اتر پاسي واري ٽڪريءَ تي هڪ شاندار گهوڙي جي تصوير اڪريل آهي. کيرٿر ۾ اهڙو نفيس ڪم گهٽ نظر آيو آهي. ان کان اوڀر واري ٽڪري تي تمام گهڻي عڪاسي ڪيل ٿي ڏسجي. هت ٽڪرن ۾ سرھہ، اسٽوپا ۽ هڪ ماڻهوءَ جا چٽ چٽيل آهن ۽ ماڻهو پلٿي ماري ويٺو آهي، جنهن جي ڀرسان هڪ سرھہ پڻ بيٺو آهي. ان نقش جي ويجهو هڪ اسٽوپا بہ نمايان آهي. هتي ڪجهہ ابتيون سبتيون لکتون بہ موجود آهن، جن ۾ ڪي موجودہ دور جون لکتون بہ شامل آهن. هن ماڳ تي اسٽوپا جي نقش مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو. هي چٽ، ٻڌمت جي اوائلي دور سان واسطو رکن ٿا. هنن چٽن کي وقت ۽ موسمي تبديلين ختم ڪري ڇڏيو آهي.