
ڀُورو ٿرڙو
ڀورو ٿِرڙو(Brown Thrip):ھي وؤنئڻن جي فصل کي نقصان رسائيندڙ جيت جو ھڪ قسم آھي جيڪو تمام ننڍو جيت آھي پر مٿو ۽ مڇيون وڏيون ٿينديون اٿس. ”ڀورڙو ٿرڙو“ وونئڻڻ ۾ چوٽيءَ وارن پنن جي اسرڻ وقت نقصان پھچائي ٿو. ھن جي حملي سبب ٻوٽن جا پن ڦڪا ۽ ميري رنگ جي صورت ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ٿرڙو پنن جي ھيٺئين پاسي کي کرڙي چانديءَ جهڙو سفيد تھہ ٺاھيو ڇڏي، جنھن سبب سائو مادو گهٽجي وڃي ٿو ۽ پن ڇڻي ھيٺ ڪري پوندا آھن. ھي رت چوسيندڙ جيت فصل کي پاڻي ڏيڻ سان ۽ برسات پوڻ کان پوءِ گهٽجي ويندو آھي.