ڀورٽي2

ڀورٽي2: ضلعي دادوءَ جي تعلقي ميھڙ ۾ ”ڀورٽي“ نالي سان ھڪ قديم تاريخي ڳوٺ بہ آھي جيڪو ”ڀرٽ“ قبيلي جي ماڻھن جي آباديءَ ڪري مشھور ھو. پھريائين ھيءُ ڳوٺ سنڌو درياھہ جي ڪچي واري علائقي ۾ هو، جو ھن ڳوٺ جو قبرستان اڃا تائين سنڌو درياھہ جي حفاظتي بندر اندر واقع آھي، جنھن جو ڳچ حصو درياھہ جي وھڪري ۾ لڙھي ويو آھي. ڀورٽي پوءِ سنڌو درياھہ جي پٺتي ھٽڻ ڪري آباد ٿيو، جتي ڪيترين ئي صدين کان اڃا تائين آباد آھي. البته سيلاب جي گهڻائيءَ ڪري ڳوٺ کي ٻوڏ جو سدائين خطرو درپيش ھوندو آھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو