
ڪُشتيءَ جو مشھور رانديگر ڀولو پھلوان
ڀولو پھلوان: پاڪستان ۾ ڪُشتيءَ جو مشھور رانديگر ڀولو پھلوان، جنھن جو اصل نالو منظور احمد ھو، امرتسر جي رهاڪو امام بخش جي گهر ۾ 1927ع ڌاري ڄائو. ڀولو پھلوان جو پورو خاندان ڪُشتيءَ جي راند جو ماھر ھو. هن پھلوان ڪشتيءَ جي تربيت پنھنجي پيءُ ۽ چاچي کان حاصل ڪئي ھئي. 1949ع ۾ يونس پھلوان کي شڪست ڏئي ”رستم پاڪستان“ جو اعزاز حاصل ڪيائين، رستم زمان گاما پھلوان جي انتقال کان پوءِ ڀولو پھلوان دنيا جي ڪشتيءَ جي سمورن پھلوانن کي وڙھڻ جو چئلينج ڪيو. چئلينج ۾ شرط رکيائين تہ ”مقابلو ڪندڙ پھرين منھنجي چئن ڀائرن سان، واري واري سان وڙھندو، پوءِ جيڪو انھن مان ڪنھن کي شڪست ڏيندو، ان سان ھو پاڻ وڙھندو. اھڙي طرح پوريءَ دنيا مان ڀولو پھلوان سان ڪو بہ نہ وڙھيو. 1963ع ۾ ڀولو پھلوان کي گاما پھلوان جو جانشين مقرر ڪيو ويو. کيس گاما جو گرز سون جي پٽي ۽ زريءَ جي پڳڙي ڏني وئي. 1967ع ۾ ڀولو پھلوان انگلستان جو دورو ڪيو، جتي فتح حاصل ڪيائن، جنھن تي کيس پاڪستان جي ان وقت جي صدر ايوب خان ٻہ لک رپيا انعام ڏنا، ڪشتيءَ جي ھن رانديگر 8 مارچ 1985ع تي انتقال ڪيو. کيس سنڌ ۾ انعام ۾ زمين بہ ڏني وئي هئي، جيڪا ڳالھہ سخت تنقيد جو باعث بڻي ۽ سنڌ جي ماڻهن احتجاج ڪيو هو.