ڀولڙو
ڀولڙو: جهنگلي جانورن جو ھڪ قسم، جنھن کي ”ڀولو“ به چوندا آھن. ھي وڻن تي رھندو آھي ۽ وڏا وڏا ٽپ ڏئي ھڪ وڻ کان ٻئي وڻ تائين پڄندو آھي. سندس پڇ جسماني توازن قائم رکڻ ۾ کيس مدد ڏيندو آھي. ڀولڙو اڪثر خاموش رھندو آھي پر ڪنھن ڪنھن وقت ”خر خر“ جو آواز ڪڍندو آھي ۽ ويڙهه وقت ته گهڻو شور ڪندو آھي. ڀولڙي جي خوراڪ جهنگلي ميوا ۽ ڪچا پن آھن. هي پنھنجي ڳلن اندر خوراڪ ڀري آرام سان ويھي چٻاڙيندو آھي. ھن جي ڳلن ۾ خوراڪ کي ذخيري ڪرڻ لاءِ ٿيلهيون ٺھيل ھونديون آھن. ڀولڙا گروھن جي صورت ۾ رھندا آهن ۽ سڀني کان طاقتور ڀولڙو سندن سردار ھوندو آھي. ٻئي گروهه جي ڀولڙي کي پنھنجي برادريءَ ۾ شامل ٿيڻ نه ڏيندا آھن. مادي گهڻو ڪري ھڪ ٻچو ڏيندي آھي ۽ ان سان گهڻو پيار ڪندي آھي، جيڪو اڪثر سندس پٺيءَ تي سوار رھندو آهي. ڊاروَن جي ارتقائي نظريي مطابق انسان باندر جو سڌريل نسل آھي. ھن جي سمجهه، عضوا ۽ حرڪتون ٻين سڀني جانورن کان سڌريل آھن. ”ڀولڙي“ جا چمپانزيءَ کان لنگور تائين ڪيترائي قسم آھن، جيڪي شڪل جي لحاظ کان ھڪ ٻئي کان مختلف آھن. سنڌ ۾ ڀولڙن جو نسل هن وقت ڪو نه ٿئي، ليڪن ھتي ڀولڙا ٻين پھاڙي علائقن مان آندا ويندا آھن. ڀولڙو جهنگلي ۽ پالتو جانور آھي. ھن جو نڪ ڦٿل، بُنو ۽ بي ڊولو، اکيون مٽر وانگر، نرڙ سوڙھو ۽ ڏند تکا ٿيندا آهن. ھن جو پڇ ڊگهو ۽ سڌو ھوندو آھي. گهڻي ڀاڱي ھن جا وار ڀورا ٿيندا آھن. ڀولڙو اھڙن جانورن ۾ شمار ٿئي ٿو، جيڪي دنيا ۾ وڌ ۾ وڌ ملڪن ۾ ٿين ٿا. قد ڪاٺ ۾ ھن جنس جي جانور جي بيھڪ مختلف ٿئي ٿي. ٻيلن ۾ ھڪ وڻ کان ٻئي وڻ تائين ٽپا ڏيڻ ۾ جتي ھن جا ھٿ ناھن پھچندا اتي پڇ کان ڪم وٺندو آھي. ڀولڙو ڪيترن ئي ماڻهن لاءِ ڪمائيءَ جو ذريعو آھي. سرڪسن ۽ چڙيا گهرن ۾ ھي ماڻهن جي نظر جو مرڪز ھوندو آھي. ڀولڙو ماڻهن جي اهل ڪرڻ خوب ڄاڻي. ھي ھر ڳالهه سکڻ جي اھليت رکي ٿو. خوراڪ ۾ ڀولڙو ھلڪي غذا استعمال ڪندو آھي، اڪثر ڪري ميوا کائيندو آھي. ننڍا پکي ۽ آنا وغيره به کائيندو آھي. (وڌيڪ تفصيل ڏسو: ”باندر“). هندن جي ڌرمي ڪتاب رامائڻ جو هڪ ڪردار ۽ راوڻ سان جنگ وقت شري رامچندر جو ساٿ ڏيندڙ ۽ سيتا کي لنڪا ۾ ڳولي لهندڙ ’هنومان‘ به ڀولڙن جي نسل مان هو (وڌيڪ ڏسو: هنومان).