ڀونگر

ڀونگر: سومرن جي دور حڪومت ۾ ٽي ڀونگر حاڪم ٿيا، جن مان هر هڪ جو مختصر احوال هيٺ ڏجي ٿو: ڀونگر-I: سومار جو پٽ پھريون ڀونگر 448هه/1056ع ۾ حاڪم ٿيو. جنھن جو پورو نالو سلطان عصام الدين ڀونگر هو. هي اڃا هڪ سال جو ٻار ئي هو ته سندس پيءُ سومار وفات ڪري ويو. ان ڪري کيس پڳ ٻڌائي، ملڪي انتظام هلائڻ لاءِ هڪ ڪائونسل ٺاهي وئي، پر ان ڪائونسل جي اميرن ۽ وزيرن جا نالا سنڌ جي ڪنھن به تاريخ ۾ موجود نه آهن. ڀونگر جڏهن 17 سالن جي عمر ۾، ملڪي انتظام هلائڻ جي لائق ٿيو ته وفات ڪري ويو. سندس دور جي سٺي ڳالهه اها نظر اچي ٿي ته عوام ڀونگر کي دل سان پنھنجو حاڪم مڃيو. ان ڪري ڀونگر جي پندرهن سالن جي دور حڪومت ۾ ڪا به سازش نه ٿي. ڀونگر تمام بھادر ۽ جنگي فن ۾ ماهر هو. هن ٻه شاديون ڪيون، هڪ زال مان دودو ۽ ٻئي مان خفيف ڄائو. دودو ولي عھد مقرر ٿيو. عصام الدين ڀونگر 466هه/1073ع ۾ وفات ڪئي. ڀونگر-II: سلطان سيف الدين طائي جي وفات کان پوءِ سندس پٽ ڀونگر سنڌ تي حاڪم ٿيو. ڀونگر ثاني جو نالو سلطان شمس الدوله يا شمس الدين هو. هُو تخت تي ويھندي ئي عيش و عشرت ۾ مشغول ٿي ويو، پر ڪجهه عرصي کانپوءِ پنھنجن وڏن وانگر سٺي نموني حڪومت سنڀالي. پھرين شادي هڪ شاهي گهراڻي مان ڪئي، جنھن مان کيس ڪو به اولاد نه ٿيو. ان ڪري ٻي شادي هڪ غريب گهراڻي مان ڪئي، جنھن مان هڪ پٽ چنيسر ڄائو. ڪجهه عرصي کان پوءِ ڀونگر ٽين شادي سومرن مان ڪئي، جنھن مان هڪ پٽ دودو ڄائو. انھي زال مان ڀونگر کي هڪ ڌيءَ به ٿي. ڀونگر پنھنجي ٻنھي پٽن چنيسر ۽ دودي جون شاديون پنھنجي خاندان جي شھزادين سان ڪرايون. چنيسر کي ٻه پٽ دودي کي به ٻه پٽ فخرالدوله، محسن الدوله ڀونگر (ٽيون) ۽ هڪ ڌيءَ زبيده ٿي. سلطان شمس الدين ڀونگر ثانيءَ جي بادشاهي 638 هه/ 1240ع کان 678 هه/ 1279ع تائين رهي. ڀونگر-III: سلطان دودي جي شھيد ٿيڻ کان پوءِ سندس ننڍي پٽ محسن الدوله ڀونگر ٽئين کي پڳ ٻڌائي تخت تي ويھاريو ويو، پر حڪومت جو ڪاروبار سلطان ظھير الدين (ڀونگر جو سئوٽ) ناصر الدوله جي هٿ هيٺ رهيو. جڏهن محسن الدوله ڀونگر (ٽيون) جوان ٿيو، تڏهن سلطان ناصر الدوله کيس عرض ڪيو ته هاڻي حڪومت جون واڳون سنڀالي. ان تي ڀونگر جواب ڏنو ته توهان تمام سھڻي نموني حڪومتي ڪاروبار هلايو آهي، انھيءَ ڪري آءُ تڏهن خوش ٿيندس، جڏهن تنھنجي پٽ کي راڄ ڪندو ڏسندس. (حوالو: ڪتاب سومرا دور)


لفظ ڀونگرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو