ڀونگ شريف جي مسجد
ڀونگ شريف جي مسجد: مشھور ۽ خوبصورت مسجد ڀونگ شريف جي تعمير جو بنياد مقامي زميندار رئيس غازي محمد 1930ع ۾ ڳوٺ ڀونگ، تعلقي صادق آباد، ضلعي رحيم يار خان (پنجاب) ۾ رکيو. رئيس غازي جو وڏو ڏاڏو حضرت غوث بھاءُ الدين ذڪريا جي خليفن مان هو. هيءَ مسجد پنھنجي بناوٽ ۽ خوبصورتيءَ جي ڪري هنڌين ماڳين مشھور ۽ اسلامي طرز تعمير جو اعليٰ نمونو آهي، جيڪا ايراني، عثماني ۽ هسپانوي فن تعمير سان هڪجھڙائي رکي ٿي. رئيس غازي محمد 1950ع ۾ مسجد کي خوبصورت بنائڻ لاءِ ٻيھر تعميرات شروع ڪرائي. جنھن ۾ سندس سموري زمين ۽ ملڪيت خرچ ٿيندي رھي. 1975ع ۾ رئيس غازي محمد جي وفات بعد سندس پٽ رئيس شبير محمد مسجد جي تعميراتي ڪم کي اڳتي وڌايو. نتيجي ۾ هي مسجد 1982ع ۾ ٺھي مڪمل ٿي. هن جي تعمير ۾ 50 سالن کان وڌيڪ عرصو لڳو، پر ان جي زيبائش جو ڪم اڄ تائين هلندو رهي ٿو. مسجد جي ڊزائين ۾ ڪيترائي ڀيرا تبديلي ڪئي وئي آهي. تعميرات واري دؤر ۾ صادق آباد ۽ آسپاس روڊ رستن جي سھولت نه هجڻ ڪري ڀونگ کان 20 ڪلو ميٽر پري صادق آباد ريلوي اسٽيشن تي ريل ذريعي سامان آڻي، اتان اٺ گاڏين ۽ ڏاند گاڏين تي کنيو ويندو هو. مسجد جي اڏاوت لاءِ خوبصورت پٿر آسٽريليا، هنگري، اٽلي ۽ ٻين ملڪن کان گهرايو ويو. پاڪستان ۽ هندستان جي ماهر ڪاريگرن سان گڏ 1000 جي لڳ ڀڳ مزدورن به تعمير ۾ حصو ورتو. هن مسجد جي زيبائش لاءِ مرڪزي محراب ۾ سون ۽ چاندي جو استعمال ٿيل آهي. ان کانسواءِ مسجد جي سونھن لاءِ هاٿي جا ڏند به ڪم آندا ويا آهن. مرڪزي دروازو ايران جي شھر مشھد ۾ موجود حضرت امام رضا جي روضي جي صدر دروازي جھڙو آهي. مسجد ۾ هڪ ئي وقت 2000 نمازين جي گنجائش آهي. صرف ورانڊي ۾ ئي 500 ماڻهن جي نماز پڙهڻ جي گنجائش موجود آهي. هڪ گنبذ هيٺ عورتن جي جمعي نماز پڙهڻ لاءِ انتظام ڪيل آهي. مسجد ڀونگ شريف کي پنھنجي ديده زيب تعمير ۽ تزئين سبب 1986ع ۾ آغا خان ڪلچرل اوارڊ ملي چڪو آھي. ھن اوارڊ جي حصول لاءِ دنيا جي پنجن ئي کنڊن، ايشيا، يورپ، آمريڪا، آفريڪا ۽ آسٽريليا مان لڳ ڀڳ 23 پراجيڪٽ مقابلي لاءِ پھتا ھئا، جن مان مسجد ڀونگ شريف پھرئين نمبر تي رھي. ان کان سواءِ انٽرنئشنل جيوريءَ جي ميمبرن مراڪش جي ولي عھد ۽ اردن جي ولي عھد پاران مسجد جي تعمير ڪندڙ ڪاريگرن لاءِ 50 ھزار ڊالر انعام طور ڏنا ويا. جڏهن ته مسجد جي خدمتن عيوض رئيس غازي محمد کي 2004ع ۾ صدارتي اوارڊ ”ستاره امتياز“ مليو ۽ مسجد جي تصوير واري ٽپال ٽڪلي به جاري ڪئي وئي. هن مسجد کي ڏسڻ لاءِ دنيا جي مختلف ملڪن کان ڪيترائي ماڻهو ايندا رهن ٿا. هي مسجد پنجاب جي ثقافتي ورثي ۾ شامل آهي.