ڀوَپوُتي: اٺين صديءَ جو هي سنسڪرت زبان جو ناٽڪ ڪار ڪانَيه ڪُبجا (قنوج) جي راجا يسو وَرمن جي درٻار جو شاعر هو. هُو ذات جو برهمڻ هو . گلي ۾ ميٺاج هئڻ ڪري کيس ’سري ڪنٺ‘ به ڪوٺيو ويندو هو. ڪاليداس (پنجين عيسوي صدي) کان پوءِ کيس ئي وڏو ناٽڪ ڪار مڃيو ويندو آهي. هُن سنسڪرت زبان ۾ ٽي عمدا ناٽڪ- ’مهاوير چرِت‘، ’اُتر رام چرت‘ ۽ ’ماڌو مالتي‘ لکيا. پهريان ٻه ناٽڪ رام جي ڪهاڻيءَ بابت آهن ۽ ٽئين ناٽڪ جي نائڪا ٻه ڀيرا موت جي منهن مان بچي وڃي ٿي. مغربي معيارن موجب هِن ناٽڪ ڪار جا ناٽڪ اُن وقت جي ٻين ناٽڪ ڪارن جي ڀيٽ ۾ گهٽ معياري آهن. سندس پلاٽ ڪمزور آهن، جڏهن ته سندس ناٽڪن ۾ انفراديت به گهٽ آهي. سندس عظمت دُک جي گهرائپ ۾ آهي، جيڪا ڪاليداس کان سرس آهي. ڪن جو خيال آهي ته هُو بيدر يا برار جو رهاڪو هو، پر اُجين ۽ اُتان جي ڀرپاسي جا ماڻهو سندس بيان ڪيل نظارن مان ٻڌائين ٿا ته هوُ اُتان جو ئي هو.