ڀوڄي مل مالهيءَ وارو خوني کوھہ: هيءُ کوھہ ڳوٺ مسڻ وڏي (ضلعي مٽياري) کان اتر اوڀر طرف ڦٽل ڍوري جي پرئين ڀر 1947ع کان گهڻو اڳ موجود هو. مسڻ جاگير جي سروي نمبر 22 تي سرڪاري نقشي ۾ اڄ بہ ”کوھہ“ لفظ لکيل موجود آهي. هن وقت اها ايراضي رحيم خان ولد رئيس خان لغاريءَ جي قبضي ۾ آهي. کوھہ جو مٿيون حصو ڪچو هو. روايت آهي تہ اتفاق سان ڪوس (پاڻي ڇڪڻ جو ٻوڪو) کوھہ ۾ ڦاسي پيو، پوڄو مل مالهي اندر گهڙي ڦاٿل ڪوس ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي تہ مٿانئس اوچتو واري وري ويئي. کوٽائي ڪري کيس جيئرو ڪڍيو ويو، مگر انهيءَ ڀيانڪ حادثي کان جانبر نہ ٿي سگهيو. ان بعد هن کوھہ تي ”ڀوڄي مل مالهيءَ وارو کوھہ“ نالو پئجي ويو.