ڀوڄ سنگهہ پهلاجاڻي

ڀوڄ سنگهہ پهلاجاڻي: ڀوڄ سنگهہ پهلاجاڻي سکر ۾ وڪيل هو. هو بمبئي ڪائونسل جو ميمبر بہ رهيو. سنڌ جي بمبئيءَ کان علحدگيءَ بعد، هو سنڌ ليجسليٽو اسيمبليءَ جو ميمبر ۽ پوءِ اسپيڪر چونڊيو ويو. انگريزن کان ننڍي کنڊ جي آزاديءَ واري تحريڪ ۾ بہ زور شور سان حصو ورتو هئائين. اُن کان اڳ 1911ع کان 1914ع تائين سکر ميونسپالٽيءَ جو صدر رهيو. ان کان پوءِ پنھنجي قابليت آهر ٻيهر بہ 1924ع کان 1928ع تائين ميونسپالٽي سکر جو صدر چونڊيو ويو. نهايت ايماندار ۽ جان نثار ورڪر هو.


لفظ ڀوڄ سنگهہ پهلاجاڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو