ڀوڏيسر جو مندر

ڀوڏيسر جو مندر

ڀوڏيسر مندر 2

ڀوڏيسر مندر 2: هي مندر ڀوڏيسر، ننگرپارڪر ۾ آهي. ھتي مندرن جو ميڙ آھي. مٿاڇري تي ٺڪراٺو پکڙيل آھي. اڏاوتن جا بہ ڪجهہ نشان مليا آھن. جيڪي پٿراين ڀتين جي پيڙھہ جا آھن. اھي مندر گوڙيءَ واري مندر جھڙا آھن. ھي مندر 42.9x39.9 فوٽن جو آھي. مندر جي مٿان ھڪ وڏو گنبذ ۽ 26 ننڍا گنبذ ٺھيل آھن. وڏي گنبذ جو گهيرو 54.4 فوٽن جو آھي ۽ اوچائي 8.2 فوٽ آهي، جڏھن تہ ٻيا قطار ۾ ٺهيل ننڍا گنبذ مختلف ماپن جا آھن. ڪي 12.6 فوٽن تہ ڪي 16 فوٽن جا آھن، قطار ۾ ٺھيل آھن. انھن مان 7 گنبذ (cupola) وڏي گنبذ جي اتر ۾، 3 ڏکڻ ۾، ۽ 8 اوڀر ۾ ٺھيل آھن. منڊپ جي لنگهہ وٽ اَٺن ڏاڪن سان ڏاڪڻ ٺھيل آھي، جيڪا مٿي 15.8 فوٽ ماپ جي آھي. منڊپ وارو ڪمرو 42.9 فوٽ ڊگهو، 39.9 فوٽ ويڪرو ۽ 17.9 فوٽ اوچو آھي. ڇت کي ٽيڪ ڏيڻ لاءِ ڪمري اندر 20 پيل پاوا ٺھيل آھن. پيل پاوا ڊگها، بنياد وٽ 2.10 چورس ۽ ويڪرا، چوٽي وٽ 1.1 فوٽ ويڪرا، گهوڙين سان ٺھيل آھن. منڊپ جي اولھہ ۾ 10 ننڍيون ڪوٺيون (cells) ٺھيل آھن. تن مان وچئين ڪوٺيءَ جي دروازي وارو لنگهہ 2.6 ويڪرو، 9.9 زمين جي مٿاڇري کان اوچو ۽ 5.2 فوٽ ڊگهو آھي. مندر جي اوڀر- اتر ۾ 3.9 فوٽ ويڪرو، 42.9 فوٽ ڊگهو ۽ 3 فوٽ اوچو ٿلھو ٺھيل آھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو