ڀوڪرُ: ٿرپارڪر ۽ ننگرپارڪر جي شھر وٽ ڪارونجهر جبل ۾ هڪڙي نموني جو ڪچو پٿر ٿئي ٿو، جيڪو ان ٽڪر جي واريءَ مان ٺهيل آهي. ان پٿر کي ڀوڪر جو پٿر چوندا آهن. پارڪر جا غريب ڳوٺاڻا اهو پٿر سولائيءَ سان ڇِپن يا چاپوڙن جي شڪل ۾ ڪڍي، ان کي ٽُڪي، گهَڙي، انهيءَ مان سرون گهڙيندا آهن ۽ انهن سرن مان پنهنجون جايون ٺاهيندا آهن. ڀتيون ڀوڪر جون ۽ ڇتيون ڇپرن جون جوڙيندا آهن. ڀوڪر جي پٿر جي خاصيت آهي تہ جيئن ان جي مٿان پاڻي پوندو تيئن سخت ٿيندو ۽ ڳرندو بہ گهٽ آهي.