ڀوڻ: ڀوڻي، ڦرڻي يا گرڻي، جيڪا کوھہ تي لڳل ٻيلنگهہ جي سرائيءَ ۾ پيل هوندي آهي، جنهن جي مدد سان کوھہ مان پاڻي ڪڍي سگهبو آهي. هي ڪاٺ جي ٺهيل هوندي آهي. هي ڪاٺ جو ٽُڪر جنڊيءَ تي چاڙهي گول ڪندا آهن. ان جي مٿان گولائي وڌائڻ لاءِ ٽي ڪاٺ جا ٽڪر هڪٻئي سان اهڙيءَ طرح ڦهڪائي ڳنڍيندا آهن، جيئن گولائيءَ ۾ پورا ٿي اچن ۽ هڪ چڪرو ٺھي پوندو آهي. چڪري تي ٻنهي پاسن کان ٻہ يا ٽي کانچا ڪڍندا آهن، جتان ورت (رسو) ڦرندو آهي ۽ وچ ۾ ننڍي کانچي ۾ لوھہ جي مضبوط سيخ يا مضبوط ڪاٺيءَ ۾ اٽڪائي قابو ڪندا آهن. ڀوڻ جي وچ ۾ ٽُنگ هوندو آهي، جنهن کي ”ساڻ“ چوندا آهن. انهيءَ ٽنگ کي گسڻ کان بچائڻ لاءِ ٻنهي پاسن کان لوھہ جا گول ويڪرا ڇلا وجهندا آهن، جن کي ”آڻ “ چون. پوءِ انهيءَ ٽنگ جي وچ ۾ ڪاٺي وجهندا آهن، جنهن تي ڀوڻ ڦرندي آهي، ان کي ”اوڙاڪ“ چون. اهو اوڙاڪ کوھہ جي منهن تي لڳل ڪاٺ جي ڪوهڙ جي مڪڙن ۾ ٽنگ ڪري ان ۾ ٻنهي پاسي اٽڪائي ڇڏيندا آهن. ”آڻن“ کي وقت بہ وقت ڪڙو تيل پيا لائيندا آهن، جيئن اُن تي ڪٽ نہ چڙهي ۽ ڀوڻ کي ڦرڻ ۾ اٽڪاءُ نہ ٿئي، ان کي ” وانگ “ چون، جيئن مشينن جي پرزن کي تيل ڏبو آهي.