ڀيا

ڀَيا: سنڌ جي ھڪ ذات آھي. ھيءَ ذات سنڌ جي اترئين خطي ۾ گهڻي ڀاڱي آباد آھي. منجهن سرداري نظام رائج آھي. جيڪب آباد ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ ڀيا ذات جي اڪثريت آھي، جن وٽ وڏيون زمينداريون آھن. ھيءَ ذات سنڌ کان ٻاھر بہ پکڙيل آھي ۽ گهڻو ڪري زراعت پيشہ آھن. جيڪب آباد جا ڀيا انگريز دور ۾ نھري نظام رائج ٿيڻ کان پوءِ ھت پھتا ۽ ھندو زميندارن کان زمينون خريد ڪري، ھتان جا آبادگار بڻيا. ھي عام سماج ۾ سنڌي ٻولي ڳالھائيندا آھن، پر گهرو زندگيءَ ۾ سندن ٻولي چولستاني- سرائڪي آھي. پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ منجهن علم پرائڻ جو گهڻو چاھہ جاڳيو آھي. ويجهڙائيءَ واري وقت ۾ مرحوم الطاف خان ڀيو پنھنجي تر جو بااثر سياسي فرد ٿي گذريو آھي ۽ ھڪ دفعو اسيمبلي جو ميمبر پڻ چونڊيو ويو ھو. سردار ڪوڙا خان ڀيو بہ مشھور شخص ٿي گذريو آهي. فيصلن جي حوالي سان سندس وڏي شھرت آهي. اُستاد عبدالوھاب ڀيو، ضلعي جيڪب آباد جو ھڪ ببيباڪ ۽ بھادر قومي ڪارڪن ۽ استاد ٿي گذريو آھي، جنهن جا سائين جي. ايم. سيد جي قومي تحريڪ سان گهاٽا لاڳاپا هئا.


لفظ ڀياھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو