ڀيان/ڀِنيان: تعلقي مانجهند، ضلعي ڄامشوري جي هڪ آڳاٽي شھر ۽ ڳوٺ جو نالو. ڀيان ذات جي ماڻهن جي گهڻائي هن شھر ۾ رهندڙ هئي، اُن ڪري هن شھر جو نالو ئي ’ڀيان‘ مشھور ٿيو. ’ڀنيان‘ آڳاٽو درياھي بندر به ھو، جنھن کي ھاڻي درياهه پائي ويو آھي. شھر جي آباد هجڻ دوران ھتي مغل ذات جا سنڌي، بوٽن ۽ جتين جا سٺا ڪاريگر هوندا هئا، جيڪي جتين تي زريءَ جو ڪم ڪندا ھئا. شھر جي موچين جو مال حيدرآباد ۽ ھالا ڏانھن ويندو هو. هتي چمڙي جي رڱاوت جو ڪم، ڪاٺ جي ڪرسين، ميزن، ڪٻٽن، کٽن، پلنگن ۽ ڪجاون جو ڪم سٺو ٿيندو ھو. گيھه، ماکيءَ ۽ سرنھن جي تيل جو واپار به ٿيندو ھو. ھن شھر ۾ ڪافي گهاڻا به ھوندا ھئا، جتي سرنھن پيڙڻ وقت مڃٺ جون ڪاٺيون وجهندا ھئا، جيئن تيل ڳاڙھو ٿئي. شھر ۾ گهاڻن جو ڪاروبار گهڻو ڪري چاڪي ’سومرن‘ جي هٿ هيٺ هو. روايت موجب ڀيان شھر ۾ ڀيان، ساند، ٻاچڙا، چاڪي سومرا، سيد، مغل، ٿيٻا، ڪوري، دايا، قبوليا، پچارا، ميمڻ، سولنگي، مير بحر، ڳوڌيا، شيدي، ماڇي ۽ ٻيون ذاتيون آباد هيون. ڀين ۾ هڪڙي خوبصورت مسجد به هئي جنھن کي دين محمد شاهه واري مسجد چوندا هئا. شھر جي ڀرسان شِو جو هڪ مندر ھو، جتي ڦڳڻ (12 فيبروري کان 13 مارچ) مھيني ۾ شِو جو ميلو لڳندو ھو، جنھن ۾ پري پري کان ماڻھن جون ٻيڙيون ڀرجي اينديون ھيون. پاڪستان جي ٺھڻ تائين هي شھر آباد هو. 1956ع ۾ شھر جي پائجي وڃڻ کانپوءِ اتان جي ماڻھن کاڻوٺ ويجهو انڊس هاءِ وي تي سيد منظور شاهه جي نالي سان ’منظور آباد‘ شھر آباد ڪيو.
ڀنيان پتڻ: ڀنيان پتڻ سنڌوءَ جي پراڻن بندرن مان هڪ هو. پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ به هيءُ پتڻ موجود هو. ڀنيان شھر کي ماضي قريب ۾ درياهه پاتو. تنھن کانپوءِ ريلوي جي اولھه پاسي، هاءِ وي جي اوڀر ۾ سيد منظور شاهه جي نالي سان منظور آباد شھر ٻڌرايو ويو آهي، جيڪو هن وقت تعلقي مانجهند ضلعي ڄامشوري جو حصو آهي. مقامي ماڻھن پنھنجي سھولت لاءِ ’منظورآباد‘ جي سامھون پتڻ قائم ڪيو. هن پتڻ جي ڪافي آمدني ٿيندي آهي. ڌاڙيلن جي اچ وڃ سبب هيءُ پتڻ به بند ڪيو ويو هو. بعد ۾ اهو پتڻ ضلعي ڪائونسل پنھنجي اختيارن هيٺ آڻي، مھاڻن کي نيلام ڪري ڏنو.