ڀيرجي ٺڪَر

ڀيرجي ٺڪَر

ڀيرجي ٺڪَر

ڀيرجي ٺڪَر: شاعر ۽ سماجي ڪارڪن ڀيرجي ولد جالُو جي ٺڪر 04 جنوري 1968ع تي ڳوٺ جهرمريي، تعلقي ڏيپلي، ضلعي ٿرپارڪر ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي، ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم ڳوٺ جهرمريي، ڏيپلي ۽ مٺيءَ مان حاصل ڪئي. ان کانپوءِ M.Sc (1995ع، سنڌ يونيورسٽي)، ايل. ايل. بي (2004ع) ۽ LL.M (2008ع، سنڌ لا ڪاليج، حيدرآباد) جون ڊگريون حاصل ڪيون. ‘علامه اقبال ۽ شيخ اياز جي شاعريءَ جو تقابلي جائزو’ جي عنوان سان علامه اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد مان ايم. فل به ڪئي. يونيورسٽي ۾ پڙھڻ واري دور کان ادب ۾ لکڻ شروع ڪيو. عبرت اخبار، عبرت ميگزين ، ھلال پاڪستان ۽ ٻين ڪيترن رسالن ۽ اخبارن ۾ سندس شاعري ۽ مضمون چپجندا رھيا. 1995ع کان OGDCL ۾ سرڪاري ملازمت ڪري رهيو آهي. سماجي ڪارڪن طور هن پنھنجي ڳوٺ ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ الڳ الڳ پرائمري اسڪول، اسپتال ۽ پيئڻ جي پاڻي لاءِ کوهه منظور ڪرايا آهن. سندس ساروڻين تي مشتمل ڪتاب ‘وطن جا وڻ ۽ زندگيءَ جو سفر’ 2017ع ۾ ڇپجي چڪو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1968.01.04  عيسوي

شاعر ۽ سماجي ڪارڪن ڀيرجي ولد جالُو جي ٺڪر 04 جنوري 1968ع تي ڳوٺ جهرمريي، تعلقي ڏيپلي، ضلعي ٿرپارڪر ۾ پيدا ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عاشق هالائي
ارجن شاد
سونو خان ملاح:
عمرالدين بيدار
ڀٽو حبيب الله
ڇَتو فقير سانگي
انعام عباسي
حافظ محمد بخش خاصخيلي
خانصاحب غلام علي جعفري
حيدر شاهه سيد
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون