ڀيروي: سنڌي موسيقيءَ ۾ هڪ راڳڻيءَ جو نالو. ڀيروي ٺاٺ جي سمپورن راڳڻي، جنهن جي آروهي ۽ امروهي ۾ سڀ سُرَ لڳايا ويندا آهن. هي اترانگ جي راڳڻي آهي. ڪنهن مَتِ ۾ کرج وادي ۽ پنچم يا مڌم کي سموادي ڳڻين ٿا ته ڪي وري ڌيوت کي. ٻئي اصول درست آهن. گرنٿن ۾ رکب تيور لکيل آهي. مگر ڳائبي رکب ڪومل سان آهي. سو هيئن کڻي چئجي ته ٻئي رکب ڪار آهن. دکن جا پنڊت ڀيروي کي ٽوڙي چوندا آهن. هن جو پلٽو: ڌا ڌا- پا- ما- گا- ما گا- را- سا- ڌِا- نِا سا- گا- ما- ڌا پا- گا- ما- گا- را- سا- نِا- سا- گا- ما- پا- ڌا ڌا- پا، گا. ما- نا ڌا- پا – گا- ما گا- را- سا- نا سا- گا- ما- پا- گا- ما ڌا ڌا پا- گا- ما- پا ما گا- را سا آهي. امروهي: سارا گا ما پا ڌا نا سا ۽ امروهي: سا نا ڌا پا ما گا را سا اٿس، وادي سُر: کرج ۽ سموادي سُر: مڌم آهي، ڀيروي سدا سهاڳڻ راڳڻي آهي. هر وقت ڳائي سگهجي ٿي، پر اڪثر صبح جي سمي ڳائڻ کي ترجيح ڏجي ٿي. هن ۾ نه رڳو ڏک، ملال، پر گڏوگڏ مسرت ۽ خوشيءَ جي ڪيفيت به شامل آهي.
استاد بخاريءَ چيو آهي:
زندگي تو ۾ سرور ڪيڏو آ
پوئين هڏڪي به ڀيروي آهي!