ڀيرو: پنجاب جي ميداني علائقي جي آخري حد تي موجود ضلعي سرگوڌا جو هڪ پراڻو تاريخي ڳوٺ، جيڪو ڪيترائي ڀيرا برباد ۽ آباد ٿيو. قديم دؤر ۾ هي راجا جوبناٿ جي نالي تي جوبناٿ نگر سڏائبو هو ۽ جھلم نديءَ جي کاٻي ڪناري تي آباد هو. هتان کيوڙا جي لوڻ کاڻين مان لوڻ کڻي ويندڙ قافلا هندستان جي سمورن علائقن ۾ ويندا هئا. سڪندراعظم جڏهن پنجاب تي چڙهائي ڪئي تہ هن ڳوٺ ۾ آيو هو، پر اتان جي راجا شڪست قبولي ورتي هئي. امير تيمور بہ ڀيرو تي حملو ڪيو ۽ هيءُ سندس اولاد جي قبضي ۾ اچي ويو. امير تيمور پنھنجي آتم ڪٿا (تزڪ) ۾ خوشاب، چناب ۽ چنيوٽ سان ڀيروءَ جي ساراھہ بہ ڪئي آهي. جڏهن همايون بادشاھہ فرار ٿي ايران هليو ويو هو تہ شير شاھہ سوريءَ ڀيروءَ تي حملو ڪيو، ڇو تہ هتان جي گورنر علي خان بابر جي اطاعت ڪئي هئي.
افغانن ڀيروءَ ۾ وڏي ڦرمار ڪئي. شيرشاھہ سوريءَ جو تباھہ ڪيل ڀيرو درياھہ جي ٻئي ڪپ تي احمد آباد ڳوٺ جي ويجهو کنڊرن جي صورت ۾ اڄ بہ موجود آهي. ڀيرو جي مڪمل تباهيءَ جي المناڪ منظر کان متاثر ٿي هن درياھہ جي ٻئي ڪناري تي پراڻي ڀيرو جي بلڪل سامهون هڪ نئون ڀيرو اڏائڻ جو حڪم ڏنو، جتي هن پنھنجي آرام لاءِ هڪ حويلي بہ جوڙائي ۽ هڪ خوبصورت مسجد بہ تعمير ڪرائي. ڀيروءَ وٽان لوڻ جبل شروع ٿين ٿا. لوڻ جي وڏي منڊي هئڻ جي ڪري هتي واپاري ماڻهن رهائش اختيار ڪئي، جيڪي گهڻو ڪري هندو هئا، انهن هتي ٻہ ٻہ ۽ ٽي ٽي ماڙ شاندار حويليون جوڙايون، جن ۾ ڪاٺ جو نهايت نفيس ڪم ٿيل آهي. ڪاٺ تي ٿيل هيءُ خوبصورت ڪم شڪارپور، سکر ۽ روهڙيءَ جي ڪاريگرن جي ڪم سان مشابهت رکي ٿو، پر 1947ع کان پوءِ ٻيهر ڀيروءُ جي عظمت ۽ قدامت وري اجڙي وئي. واپاري هندو هتان هجرت ڪري هندستان هليا ويا ۽ هند مان آيل پناهگيرن ڀيروءَ جي حسن ۽ جمال جو ڪو قدر نہ ڪيو ۽ خوبصورت حويلين جا نقش و نگار ختم ڪري ڇڏيا.