نغاري وڄائڻ جو انداز پيش ڪيو پيو وڃي
ڀيرِ: ھڪ قسم جو طبلي نما وڏو نغارو، جيڪو ٽامي يا پتل مان ٺھيل ھوندو آھي، ڀير اندازاً 4 فوٽ اوچي ٿئي، جيڪا بيٺي وڄائبي آھي، ان جي منھن تي ڍڳي يا اُٺ جي کل چڙھيل ھوندي آهي، سنڌ ۾ قلندر شھباز، مغل ڀين، پير پٺي ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي درگاھن تي ڀيريون رکيل آھن، جيڪي صبح شام ٻه ڀيرا وڄايون وينديون آھن. ڀيرين جي واڄي کي ”نوبت“ چوندا آھن، قلندر شھباز تي رکيل ڀيرين جي واڄي کي ”ڌمال“ چوندا آھن. شروع ۾ ”ڀير“ جنگي واڄي طور شمار ٿيندي ھئي. معلوم ٿئي ٿو ته مشرق ۾ رھندڙ قومون قديم زماني کان وٺي پنھنجي جنگي عظمت جي اظھار لاءِ زور سان وڄندڙ سازن کي پسند ڪنديون ھيون. سن 120ع ۾ پارٿيا نسل جا ماڻھو دشمن کي خوفزده ڪرڻ لاءِ زور سان نغارا وڄائيندا ھئا، يوناني جنگ ۾ فقط ترم ۽ نفيري وڄائيندا ھئا ۽ زور سان وڄندڙ ساز کي وحشين جو واڄو چوندا ھئا ”نوبت“ وڄائڻ جو رواج سڪندر اعظم کان شروع ٿيو ، پھرين صديءَ کان وٺي ڏھين صدي عيسويءَ تائين ايران، توڙي ھندستان جي بادشاھي نقارخانن ۾ ڪيترن ئي قسمن جا نغارا ، جنگي سازن ۾ شامل ھوندا ھئا، ايران ۾ ته نوجوانن کي ڀيرين ۽ نغارن وڄائڻ لاءِ گڏ ڪيو ويندو ھو. لشڪر يا بادشاھي سواريءَ سان گڏ جيڪو طبل (نغارو) وڄندو ھلندو ھو، تنھن کي ”دبداب“، ”دبدبه“ يا نغارو چوندا ھئا، سڀني کان وڏو طبل يعني ”ڀير“ به انھيءَ سلسلي ۾ شامل ھوندي ھئي، انھن سازن جون جوڙيون جوڙيون ھونديون ھيون، جيڪي گھوڙن يا اُٺن جي پٺين تي ٻنھي پاسن لڏبيون ھيون” ”نوبت“ ھڪ خاص قسم جي وڄت ھئي، جيڪا پوءِ ڪيترن ئي اضافن سان مقبول ٿيندي وئي. پھريائين شاھي مرتبي مٿي ڪرڻ لاءِ فقط امير الامراءِ يا بادشاهه جي ذات لاءِ مخصوص ھوندي ھئي. روزانو ٽي وقت (صبح، ٻه- پھر ۽ شام) شاھي محل ۾ بادشاھه جي موجودگيءَ جي اعلان طور ”نوبت “ وڄائي ويندي ھئي، اڳتي ھلي روزانو نماز جي پنجن وقتن تي نوبت جو رواج پيو ۽ مستحڪم ٿيو، پر خلافت جي زوال ۽ ننڍن ننڍن حڪمرانن جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ ھر ڪو ڌار ”نوبت“ وڄائڻ ۽ جدا جھنڊو رکڻ جو مطالبو ڪرڻ لڳو، تنھنڪري اھو رواج بنجي ويو ته خليفو پنھنجن زيردست حڪمرانن کي شاھي اختيار عطا ڪندو ھو ته ان سان گڏ جھنڊو ۽ طبل (نغارا) به موڪليندو ھو، امير عضدوله بُويھي کي 979ع ۾ نقارخاني رکڻ ۽ نوبت وڄائڻ جو اعزاز حاصل ٿيو ھو، پر نماز جي فقط ٽن وقتن جي لاءِ نوبت وڄندي ھئي، باقي پنج وقتي نوبت جو حق فقط خليفي کي ھو. سن 1000ع ۾ خليفي القادر بالله جي عھد ۾ ھڪڙي وزير کي پنج وقت نوبت وڄائڻ جو اعزاز حاصل ھو. امراء کي پنج وقت يا ٽي وقت نماز مهل نوبت وڄائڻ جو حق اميه دور ۾ حاصل ھو عباسي، فاطمي، سوڊاني ۽ ترڪ دور ۾، سڀني حڪمرانن کي اھو حق حاصل رھيو. ھندستان ۾ مغل بادشاھن وٽ به شاھي لوازمات ۾ نقارخانو شامل رھيو، پر اھو فقط بادشاهه جي ذات تائين محدود ھوندو ھو. ابن بطوطه لکي ٿو ته جڏھن مديني منوره جو شريف ابو غره ھندستان آيو ته ھن پنھنجو طبل ۽ نوبت وڄارائي ڏاڍي بيچيني پيدا ڪري ڇڏي، جو ھتي نقارخانو استعمال ڪرڻ جو حق فقط بادشاهه کي ھو. ھو دھليءَ جي سلطان جي پنج وقتي نوبت جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته ان ۾ ٻه سؤ جوڙيون نغارن جون، چاليهه جوڙيون ڀيرين جون، ويهه ڪوڏ ۽ ڏهه جوڙيون جھانجهه جون شامل ھيون. شاھي امتياز جي حيثيت سان نوبت وڄائڻ مھل نه رڳو سختيءَ سان نگراني ڪئي ويندي ھئي، بلڪه ٻڌندڙن لاءِ به ضروري ھو ته اھي نوبت جي واڄي وقت ان کي ادب ۽ خاموشيءَ سان ٻڌن. سنڌ ۾ ديني بزرگن ۽ درويشن کي عقيدت ۽ احترام سان ڏٺو ويندو آھي. بلڪ کين مملڪتي رسمن رواجن کان مٿي سمجھيو ويندو آھي. خود بادشاهه به وٽن حاضري ڀريندا آھن، تنھنڪري ڪن حڪمرانن عزت احترام طور کين ڀيريون نذراني طور پيش ڪيون ته جيئن روزانو سندن در تي پنج وقت يا ٽه وقتي نوبت وڄندي رھي.