ڀيلار: ضلعي خيرپور جي تعلقي گنبٽ ۾ هڪ ديھہ، جنهن ۾ ڪل ٻہ ڳوٺ آباد آهن. هن نالي سان گمبٽ ۽ پني عاقل تعلقن ۾ جدا جدا ٻہ ڳوٺ آباد آهن: هتي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ جدا جدا پرائمري اسڪول موجود آهن. ٻيو ڳوٺ تعلقي پني عاقل جي ديھہ ”نندپور“ ۾ آباد آهي. هتي بوائز هاءِ اسڪول ۽ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ جدا جدا پرائمري اسڪول ۽ اسپتال موجود آهن.
ڀيلار سنڌين جي هڪ ذات پڻ آهي. خيرپور ضلعي ۾ ڀيلارن جي ڳوٺ جو راجا ڀيلار نامور قومي ڪارڪن ٿي گذريو آهي.