ڀيلاوان: هن ڦل کي انگريزيءَ ۾ Markingnut، لاطينيءَ ۾ Semi Carpus Anacardium، عربيءَ ۾ حب القلب، فارسيءَ ۾ بلادر، هندي ۾ ڀلاوا، سنسڪرت م ڀلاتڪ، بنگاليءَ ۾ ڀيلايا ۽ گجراتيءَ ۾ پلاما سڏيو ويندو آهي. هي ڪاجوئي Anaca radiaceae جي آڪھہ مان آهي. هي هڪ ول جو ڦل آهي. جيڪو هماليہ جي تراين ۾ ٿئي ٿو. ڀيلاوا دل جي شڪل تي ڪاري رنگ جو هوندو آهي. ڀيلانوي کي زور ڏيڻ سان ڪارو گهاٽو تيل نڪري ٿو. جنهن کي غسل بلادر چيو وڃي ٿو. هن جو مغز اڇو ۽ مٺو هوندو آهي. هي گل حڪمت ۾ ڪم اچي ٿو.