ڀيلاڙو(Stubble grazing):ڦٽين جي فصل مان چونڊو ختم ڪرڻ کان بعد، يا ڪنهن ٻنيءَ مان لاباري کان بعد ۽ باغ مان ميوي پٽڻ کان پوءِ عام ماڻهن کي اجازت ڏيڻ ته، رهيو کهيو سنگ يا ميوو چونڊي کڻي وڃن. ”ڀيلاڙو“ مال جي ڀيل کي به چئبو آهي.