ڀيلَ: پوک ۾ چوپائي مال جي کاڌ ۽ لتاڙ، پوک يا فصل ۾ چوپايو مال گهڙي ٻوٽا لتاڙي کائي خراب ڪري ڇڏي. يا ڪي ماڻھو پوک مان پيچرا ڪري ڇڏين يا رات جو چوريءَ گاھہ وغير ه لڻي کڻي وڃن تہ انھيءَ حالت کي ”ڀيل“ چوندا آھن. باغن مان ميوي پٽجڻ کان پوءِ ڪيل چونڊ کي بہ ”ڀيل“ ڪوٺين، ڪڻڪ جي لاباري ۽ ڳاھہ کان پوءِ رھيل سنگ ۽ ان ميڙڻ کي ”چونڊو“ چون، ڪتيءَ ۾ وونئڻن جي فصل جي خاتمي تي وونئڻن مان جيڪي ڦٽيون چونڊبيون آھن ان کي بہ ”چونڊو“ چوندا آھن.