ڀيلڪي ٻوليءَ جا لهجا

ڀيلڪي ٻوليءَ جا لهجا: ڀيل نسل وارا ماڻهو سنڌ ۽ سڄي هندستان ۾ پکڙيل آهن، جتي جتي به ڀيل رهن، انهيءَ علائقي جو ثقافتي ۽ سماجي اثر وٺڻ سان گڏ ٻوليءَ جو به اثر وٺن ٿا، تنهنڪري سندن ٻوليءَ ۾ مقامي لهجن ۽ لفظن جو گهڻو ميلاپ نظر اچي ٿو، هي گهڻو ڪري اڻ پڙهيل آهن. ان لاءِ سندن ٻولي لکت ۾ ڪا نه آهي، صرف مذهبي ٽوڻا ڦيڻا، ڪن هنڌن تي مختلف هندستاني رسم الخطن ۾ ملن ٿا. ڀيلڪي ٻولي مختلف ثقافتن جي رنگا رنگي ۽ لوڪ گيتن توڙي ڪهاڻين جي صورت ۾ موجود آهي. جيڪڏهن اهو ڪٺو ڪجي ته ڪيئي ڪتاب ٺهي سگهن ٿا. هنن کي سر گريئرسن (Linguistic Survey of India-Indo-Aryan FimiliesIII-PP.5) ۾ دراوڙن ۽ مندا لوڪن مان سڏيو آهي. هندستان جي (1997ع- 1994ع- 1907ع) آدمشماري واري رپورٽ مان سندن وسندين بابت خبر پوي ٿي، جتي جتي رهن ٿا، اتي پنهنجو الڳ لهجو ڳالهائين ٿا، سندن رهڻ جون ظاهر جايون ۽ لهجا هيٺ ڏجن ٿا: (1) سنڌ ۾ سنڌي ڀيلڪي، (2) ڪڇ ۾ اهيري لهجو، (3) پنجاب ۽ راجپوتانا ۾ بائوري لهجو، (4) ڇــوٽــا اڌيــپـور ۾ بـيـرل (Barel) لهجو، (5) پـنـج مـحـل ۽ ٿانا ۾ چراني(Charani) لهجو، (6) سورت ۽ نوساري ۾ چوڌري (Chaudhri) لهجو،(7) کانديس ۾ ديهه والي لهجو، (8) سورت ۽ ٿانا ۾ ڌوديا (Dhodia) لهجو، (9) ٿاني ۽ جوهر ۾ دبلي لهجو، (10) سورت ۽ نوسار ۾ گمتي (Gamti) لهجو، (11) مارواڙ ۽ سروهي ۾ گريشيا لهجو، (12) نواساري، سورت، سرگنا، ناسڪ ۽ کانديس ۾ ڪوڪاني لهجو، (13) کانديس ۾ ڪوٽلي لهجو، (14) مروارا ۾ مواچي ۽ مگراڪي لهجو، (15) ناسڪ ۽ سرگنا ۾ نهاري يا بگلاني لهجو، (16) بيوا ڪنٿا، پنج محل ۽ سورت ۾ نائڪڙي (Naikdi) لهجو، (17) بلدانا ۾ پنچالي لهجو، (18) بيرار ۽ چندا ۾ پرڌي لهجو، (19) کانديس ۾ پاوري (Powri) لهجو، (20) نمار ۾ راناوت(Ranawat) لهجو، (21) ناواساري ۾ راني ڀيل لهجو، (22) ديوا ڪنٿا ۾ رٿوي (Rathvi) لهجو، (23) مدناپور ۾ سيال گر (Siyalgir) لهجو،(24) جڏهن ته راجپوتانا، وچ هندستان ۽ بمبئي پريزيڊنسي ۾ واگڙي(Wagdi) لهجو وغيره ڳالهايا وڃن ٿا. برصغير ۾هيءَ ٻولي تمام وڏي علائقي ۾ ڳالهائي وڃي ٿي، اتر اوڀر طرف جيئن پوءِ تيئن راجستاني ٻولين جو اثر چٽو نظر اچي ٿو. اولهه ڏکڻ ۾ هن تي مراٺي ٻوليءَ جو اثر آهي. خود مراٺي ٻولي جيڪا اڄ موجود آهي، ان جو اصل بنياد ڀيلڪي ٻولي تي آهي، اوڀر طرف هن تي کانديسي ٻوليءَ جو گهڻو اثر نظر اچي ٿو. ائين کانديسي سرحد کان هلندي اترندي ناسڪ ۽ دنگ ۾ ڀيلڪي پنهنجو وجود خالص کانديسي ۾ وڃائي ويهي ٿي. انهن ڀيلڪي لهجن جو هڪ سلسلو نظر اچي ٿو، جيڪو راجستاني ٻولين کان هلي گجراتي کانديسي ۽ مراٺي ٻولين تي ختم ٿئي ٿو. هن ٻوليءَ تي هندستان اندر ڪن هنڌن تي ڪي ٻيا به لهجا اثر انداز ٿين ٿا، نه ته عام طور گجراتي ٻوليءَ جو هن تي گهڻو اثر رهي ٿو. پونهار ۾ مراٺي جو اثر تمام گهرو ڏسبو، اهڙو چٽو اثر ڪنهن ٻئي هنڌ شايد نه ڏسجي. ڀيلڪي جو بهترين لهجو ماهي ڪنٽا (Mahi Kanta) ۾ ڳالهايو وڃي ٿو. ماهي ڪنٽا جي اتر-اوڀر ۾ ميواڙ جو پهاڙي علائقو آهي، جتان جي مکيه ٻولي ڀيلڪي آهي، پر لهجو ذري گهٽ اهڙو ئي آهي جهڙو ماهي ڪنٽا ۾ ڳالهايو وڃي ٿو. ان تي وري مارواڙي جو اثر نظر اچي ٿو. اترندي طرف راولي ۾ ڳالهائي ويندڙ لهجي کي گراشيا (Girasia) يا نير (Nyer) سڏين ٿا. ان کان مٿي وارن علائقن مارواڙ صوبي جي ڏکڻ طرف وڃبو ته ان لهجي کي مگري(Magri) چون ٿا، پر اصل ۾ اها ٺيٺ مارواڙي آهي. ماهي ڪنٽا طرف هڪ ٻيو لهجو به ڳالهايو وڃي ٿو، جنهن کي مالوي (Malvi) چئجي ٿو. ان جو لاڳاپو ماهي ڪنٽا جي اوڀر ۾، دنگارپور، بنسوار، پرتاب ڳڙهه، تلام ۽ ڍار (Dhar) ۾ ڳالهائجي ٿو. ماهي ڪنٽا خود به ڀيلي ٻوليءَ جو لهجو آهي، جيڪو هن ٻوليءَ کي نماري ۽ معياري گجراتيءَ سان ڳنڍي ٿو. اهڙي ئي نموني هڪ لهجو اهير به آهي، جيڪو ڪڇ ۾ ڳالهايو وڃي ٿو اهو لهجو هونئن ته گجراتيءَ سان واسطو رکي ٿو پر غور ڪرڻ سان ان جو لاڳاپو مراٺي ٻوليءَ سان به نظر اچي ٿو. اهو لهجو ڇوٽا اڌيپور ۽ راجپيلا ۾ ڳالهايو وڃي ٿو. اهو لهجو پنج محلا جي هوريان مراٺي ۽ کانديسي ٻولين وارن علائقن ڏانهن وڃي ٿو. ۽ اهو لهجو پنج محلا جي اڀرندي پاسي گهڻو رواج هيٺ آهي. اترندي ڀيلي لهجا گهڻو ڪري گجراتي ۽ راجستاني ٻولين جي اثر هيٺ آهن. هن پاسي پواري لهجو اتر کانديسي ۾ گهڻو رواج هيٺ آهي، جيڪو بيرل سان ملندڙ آهي ۽ ان جي ضلعن ۾ ڀيلي جا لهجا، راني، چوڌري، گمتي ۽ ڍونڍيا به ڳالهايا وڃن ٿا. راني لهجو ڀيلي کي پاؤري لهجي سان ملائي ٿو. راني لهجي ۾ ڪوڪاني ٻوليءَ جو اثر به آهي. سنڌ ۾ ڳالهائي ويندڙ ٻوليءَ تي سنڌيءَ جو اثر آهي. هتي واري لهجي کي سنڌي ڀيلڪي سڏجي ٿو. جيڪو گهڻو ڪري ٿر سميت سنڌ جي مختلف ضلعن بدين، ميرپورخاص، نوشهري فيروز وغيره ۾ ڳالهايو وڃي ٿو. انهن لهجن جي اهڙي رنگارنگيءَ سبب گهڻائي سوال اٿن ٿا، جڏهن ته هيءَ آريائي زبانن مان ناهي، پر لڳي ٿو ته هن ٻوليءَ جي ڳالهائيندڙن کي اڳتي هلي ڌاريون زبانون ڳالهائڻيون پئجي ويون آهن، ڇا ڪاڻ ته ٻوليءَ جي جوڙجڪ ۾ اهڙا کوڙ عنصر يعني ان جي لهجن ۾ ڪيترائي اهڙا لفظ موجود ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جيڪي اصل آريائي ٻولين جي بنياد مان نٿا لڳن، ڪي لفظ ته مرڳو مندا ٻولين جي سٿ جا آهن، جيئن لفظ تهي (Tahi) جنهن جي معنيٰ ڳئون جو کير آهي، سو منداري جملو واضح ڪونهي ٻوليءَ ۽ بود (Bod) معنيٰ پٺيان جيڪو لفظ اصل ۾ کير يا ٻوليءَ جو آهي. اهڙي نموني ٻيا به لفظ آهن، جن جو واسطو درواڙي ٻولين سان آهي، اهي هن ٻوليءَ ۾ موجود آهن. ٽي لفظ تلپا (Talpa) معنيٰ مٿو، تولي معنيٰ ڳئون ۽ الکو معنيٰ ڍڳو. اهي ٽئي دراوڙي ٻولين جا لفظ آهن. تلپا، تامل، تالي يا تولي منداري ۽ الکو، ڪنڙ ٻولين جا لفظ آهن ته اهڙيءَ ريت چئي سگهجي ٿو ته ٻنهي خاندانن جي زبانن ۾ هڪٻئي جا لفظ مروج آهن، خاص ڪري انهن خطن ۾ جتي ٻئي ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون. اهو به اندازو ٿئي ٿو ته اهي ٻئي ٻوليون ڪنهن حد تائين هڪ ٻئي سان ملي ويل آهن، جنهن جو وڏو سبب ڌارين جون ڪاهون آهن. جنهن ڪري ڌاريون ٻوليون ڳالهائڻ وارا هتي رهجي ويا پوءِ سندن ٻوليءَ مقامي ٻولي کي متاثر ڪيو ۽ مقامي ٻوليءَ سندن ٻوليءَ تي اثر ڪيو، جنهن ڪري ڪيترائي لهجا ٺهيا. اهڙي صورتحال جو اثر فقط ٻوليءَ جي لهجن تي ئي نه بلڪه ويا ڪرڻ تي به پيل ڏسجي ٿو. ان لاءِ ڀيلڪ ٻوليءَ ۾ غير آريائي لفظن واري ذخيري تي وڏي تحقيق جي ضرورت آهي. سنڌ ۾ هيءَ ٻولي هينئر به چڱي تعداد ۾ ڳالهائي وڃي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو