ڀيمجي جاڙيجو ۽ غلام شاھہ سان جنگ

ڀيمجي جاڙيجو ۽ غلام شاھہ سان جنگ: ڀيمجي ڪڇ جو هڪ جاڙيجو پهلوان ٿي گذريو آهي. جڏهن تہ ميان غلام شاھہ ڪلهوڙو 1170ھہ/ 1757ع ۾ سنڌ جو حڪمران ٿيو تہ ڪڇ جي راءِ طرفان ٿيندڙ زيادتين طرف ڌيان ڏنائين. ان وقت ٻہ طاقتور قبيلا ’نوتيار‘ ۽ ’جت‘ ساڳئي وقت ڪڇ توڙي سنڌ‘ (جاتي ۽ بدين) ۾ آباد هئا ۽ سندن ڪڇ جي راءِ سان تاريخي ناتو هو. ڪڇ جا راءِ، جيڪي جاڙيجا سما هئا، سي عقيدي طور مسلمان هئا، پر وٽن هندڪيون ريتون رسمون بہ رواج ۾ هيون، ان ڪري انهن سان سندن سڱابنديءَ جا رشتا هئا. انهي سمي ڪڇ جو راءِ گوڙجي هو، جنهن جي ڀاءُ آستو جيءَ نوتيارين مان شادي ڪئي هئي، جيڪي ٻنيءَ جا ويٺل هئا. اُها ڇوڪري ايڏي همت واري هئي، جو سانھہ ڍڳي کي ڪن مان جهلي قابو ڪري سگهندي هئي، کيس ٻہ پٽ ٿيا: هڪ ڀيمجي ۽ ٻيو ويسوجي. اهي ٻئي همت وارا هئا، پر ڀيمجي وڏو پهلوان هو. سندس ناناڻا نوتيار هئا ۽ سندس شادي سنڌ جي سوڍن مان ٿي هئي. سنڌ سان سندس گهاٽو تعلق هو. ”جهاڙي جبل“ وارو علائقو سندن جاگير ۾ هو. جڏهن غلام شاھہ ڪڇ تي ڪاهيو تہ ڀيمجي ۽ سندس ڀاءُ مقابلي لاءِ ”جهاڙو جبل“ جهلي بيٺا، پر ميان غلام شاھہ جي طاقتور لشڪر سان پڄي نہ سگهيا، پر آخر دم تائين وڙهيو ۽ سِر ڏنائين، پر ميدان نہ ڇڏيائين. تڏهن چيائين تہ: ”واھہ ڀيمجي! جنهن جهارو ملهايو.“


هن صفحي کي شيئر ڪريو